| دادو ڀرسان زمين تڪرار وري ڀڙڪي پيو، رتوڇاڻ، نوجوان قتل، 2 زخمي |
دادو (رپورٽر) دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سينٽرل جيل ڀرسان زمين جي پراڻي تڪرار تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، گولين لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ دوران مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ اصغر پٽ پهلوان بروهي طور ٿي آهي، زخمين ۾ عبدالرشيد پٽ فقير محمد چانڊيو ۽ محمد خان پٽ گلڻ سيال شامل آهن. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جنهن بعد ٻنهين زخمين کي سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو. مقتول نوجوان جي وارثن الزام هڻندي چيو آهي ته مختيار بروهي، بخشل بروهي ۽ عارب بروهي هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن سبب اصغر بروهي جان وڃائي ويٺو. وارثن موجب واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، قتل واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف وهراس پکڙيل آهي