دادو ڪيمپس جي پرو وي سي کي ڊانس ڳچيءَ ۾ پئجي وئي: عدالت ۾ درخواست

دادو ڪيمپس جي پرو وي سي کي ڊانس ڳچيءَ ۾ پئجي وئي: عدالت ۾ درخواست

دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس دادو جي پرو وائيس چانسلر سيد اظهر علي شاھه جون ڊانس واري وڊيوز وائرل ٿيڻ وارو معاملو عدالت تائين پهچي ويو، رخ اختيار ڪري ويو، سيشن ڪورٽ ۾ مقامي وڪيل فهيم گهلو پاران 22 اي بي تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پرو وائيس چانسلر سيد اظهر علي شاهه مبينا طور ڊيوٽي دوران نشي جي حالت ۾ ڪئمپس اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين آڏو ڊانس ڪندو آهي، جنهن سبب تعليمي ماحول شديد متاثر ٿي رهيو آهي درخواست گذار موجب، وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد ڪيترن ئي شاگردن ۽ والدين پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وڪيل فهيم گهلو پنهنجي درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته هن معاملي بابت اڳ ۾ ئي ايس ايس پي دادو ۽ ايس ايچ او کي لکت ۾ شڪايتون جمع ڪرايون ويون هيون، پر ڪنهن به قسم جي ڪاروائي سامهون نه آئي، جنهن بعد کيس مجبوري طور عدالت جو در کڙڪائڻو پيو درخواست ۾ پڻ الزام لڳايو ويو آهي ته سيد اظهر علي شاهه کي دادو ڪئمپس ۾ هڪ باثر سياسي شخصيت جي سفارش تحت مقرر ڪرايو ويو آهي، جنهن ڪري انتظاميہ پڻ سندس خلاف قدم کڻڻ کان لنوائي رهي آهي. پرو وائيس چانسلر جي اهڙي روين سبب نوجوان نسل، خاص ڪري شاگردياڻين ۽ شاگردن تي منفي تاثر پيو پوي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي. عدالت کان درخواست ڪئي وئي آهي ته سيشن ڪورٽ پوليس کي هدايت جاري ڪري ته هو فوري طور قانوني قدم کڻي ايف آءِ آر داخل ڪري عدالتي درخواست تي سيشن ڪورٽ 24 نومبر تي پي وي سي اظهر شاھ کي عدالت طلب ڪرڻ جا نوٽيس ڏئي پوليس کان پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
 

اظهر شاهه به انسان آهي، ڊيوٽي کانسواءِ ذاتي زندگي ۾ جيڪو وڻيس ڪري: وڊيو تي ماڻهن جا تبصرا
 دادو: وڊيو وائرل ٿيل سوشل ميڊيا تي پڻ وڏي بحث جو حصو بڻيل آهي، سماجي حلقن پاران پڻ اهو چيو ويو ته دادو ۾ ڪوئي به پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي تنظيم جو شعبو ڪم نه پيو ڪري نه ئي هي رجسٽرڊ آهي، غير رجسٽرڊ تنظيم جي ڪري دادو ڪئمپس اندر ٻاهرين ماڻهن کي گهرائي ۽ غير رسمي ۽ غير تعليمي سرگرميون تعليم لاء نقصان ڪار ثابت آهن، جڏهن ته 20 فيصد ماڻهن ، لکيو ته سيد اظهر علي شاھ، جي سرڪاري ڊيوٽي بعد باقي ذاتي زندگي آهي. هو ڀلي 20 گريڊ جو آفيسر کڻي ڇو نه آهي پر هو به انسان آهي، ۽ هو پنهجي زندگي جئڻ جو مڪمل حق رکي ٿو وائرل وڊيوز ۾ ناچ آهي ۽ هر فرد خوشين ۾ نچندو آهي، سندس کي چاھ آهي ته ان کي تنقيد ڇاڪاڻ پئي ڪئي وڃي.
 

اظهر شاهه اسان وٽ شعبه رقص جو چيئرمين آهي، واويلا اجائي آهي: صدر آرٽ ڪائونسل
 دادو: آرٽ ڪائونسل جي صدر تابش بخاري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيد اظهر علي شاھه، اسان جي شعبي رقص جو چيرمين آهي، ان بابت هلندڙ واويلا کي تنظيمي معملو نه ٿا سمجهون ان لاءِ ڪو به نوٽس نه ورتو آهي، انسان کتا جو گهر آهي، ۽ سيد اظهر علي شاھه اعليٰ تعليم يافته آهي، الله ان کي وڌيڪ ھدايت ڏيندو.