دادو ۽ بدين جا ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم

دادو ۽ بدين جا ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي رٿابندي واري وزير ڄام خان شورو پاران دادو ۽ بدين ضلعن جا ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ ڄام خان شورو هدايت ڪئي ته رولڙي جو شڪار سمورا منصوبا مڪمل ڪيا وڃن، ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. صوبائي وزير  صحت کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته تلهار اسپتال جي تعميراتي ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته  دادو ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ڊرينيج منصوبن کي پڻ مڪمل ڪيو وڃي.