| دادو ۽ خيرپور جا ايس ايس پي نيٺ تبديل: بدين ۽ ٺٽي جا ايس پيز پڻ گهر ڀيڙا |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف ضلعن جا ايس ايس پيز تبديل، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 19 گريڊ جي پوليس آفيسر ڊاڪٽر سميع الله سومرو کي خيرپور مان بدلي ڪري بدين ۾ ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قمر رضا جسڪاڻي کي سي پي او رپورٽ ڪرايو ويو، 19هين گريڊ جي ساجد امير سدوزئي کي شاهد حيات پوليس ٽريننگ ڪاليج سعيد آباد ڪراچي مان بدلي ڪري ٺٽي جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو ، جڏهن ته فاروق بجاراڻي کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي کي دادو مان بدلي ڪري ايس ايس پي خيرپور مقرر ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڪيپٽن (ر) صدام خاصخيلي کي ايس ايس پي دادو مقرر ڪيو ويو آهي