دادو ۾ بااثرن ڊرينيج سسٽم بند ڪري ڇڏيو، گندو پاڻي روڊن ۽گھٽين ۾ بيٺل، شهري عذاب ۾
مارچ 15, 2025
دادو(رپورٽر) بااثر سگهارين ڌرين دادو جي 3 ڪالونين جي ڊرينيج جو پاڻي بند ڪرڻ سبب گندو پاڻي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيهي ويو آهي، ڊرينيج جو گندو پاڻي هيٺائين وارن گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ گندو پاڻي بيهڻ سبب ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون گهرن تائين محدود ٿي ويون آهن، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪولن ۾ هلندڙ امتحانن جا پيپر به نه ڏئي سگهيون آهن، ڊرينيج جو گندو پاڻي سبب سوين خاندان شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، انور پنهور، لقمان قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري نيو بس اسٽاپ وٽ ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هڻي ٽن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ ڊرينيج جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا ۽ داهيو آهي ته دادو شهر جي موندر ناڪو ، شهباز ڪالوني، توفيق ڪالوني ۽ ٻين پاڙن ۽ ڪالونين جي ڊرينيج جو پاڻي سندن پاڙي مان گذري واٽر ڪورس ۾ ڇوڙ ٿيندو هو پر 4 ڏينهن کان بااثر ڌر واٽر ڪورس بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب سليمان ، رميز ۽ گلزار ڪالوني ۾ گٽر ۽ ناليون اٿلڻ ڪري ڊرينيج جو پاڻي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ سان گڏ گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، ڊي سي دادو جي خاطري باوجود بااثر واٽر ڪورس نه ٿا کولين جنهن سبب سندن زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، هنن چتاءُ ڏنو آهي ته ڊرينيج جو پاڻي واٽر ڪورس ۾ ڇوڙ نه ڪيو ويو ته هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا.