دادو ۾ رڪشا چوري بعد بيروزگار نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

دادو ۾ رڪشا چوري بعد بيروزگار نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

دادو(رپورٽر) دادو ۾ بيروزگاري ۽ رڪشا چوري ٿيڻ بعد نوجوان مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ بيروزگاري ۽ معاشي تنگي کان تنگ اچي هڪ نوجوان مبينا طور خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، جنهن بعد علائقي ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانئجي وئي آهي  فوتي جي سڃاڻپ 36 سالا شهزاد علي عرف مور ولد جمال لنڊ طور ٿي آهي، جنهن پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ رئو ڳچي ۾ وجهي خودڪشي ڪئي. واقعي جي اطلاع ملڻ شرط وارثن کيس فوري طور دادو جي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي فوتي جي وارثن ٻڌايو ته شهزاد علي رڪشا تي پاڻي پهچائي پنهنجي گهروارن جو گذر سفر ڪندو هو، پر ڪجهه عرصي دوران سندس رڪشا ٻه ڀيرا چوري ٿي ويا، جنهن سبب هو سخت ذهني پريشاني ۽ معاشي تنگي جو شڪار ٿي ويو هو. وارثن موجب رڪشا چوري ٿيڻ بابت بي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي هئي، پر ڪا به مدد نه ملي  وارثن جو چوڻ آهي ته بيروزگاري، غربت ۽ روزگار جو ذريعو ختم ٿيڻ سبب شهزاد انتهائي مايوسي ۾ مبتلا هو ۽ نيٺ اهڙو انتهائي قدم کڻي ڇڏيو واقعي بعد علائقي واسين ۽ سماجي حلقن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بيروزگاري ۽ چوري جي واقعن تي ضابطو آڻي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن