دادو ۾ سلائي سينٽر جي شاگردياڻي مبينا اغوا

مَي 20, 2025

دادو(رپورٽر ) دادو شهر جي سلائي سينٽر جي نوجوان شاگردياڻي رخسانه سولنگي مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي، مزدورآباد پاڙي جي رهواسي شاگردياڻي جي پيءُ حمزه علي سولنگي جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف اغوا ۽ زنا حدود آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، شاگردياڻي جي پيء حمزه علي سولنگي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته11 ، مئي تي گهر جي نمبر تي ڪال آئي ۽ رخسانه کي سينٽر تي پهچڻ جو چيو ويو ، ڌيءُ سينٽر لاءِ نڪتي ته واپس نه آئي، ڳولها ڪرڻ باوجود ڌيءُ جو پتو نه پيو، نامعلوم جوابدارکيس ورغلائي اغوا ڪري ويا آهن، اي سيڪشن پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت