| دادو ۾ سون ڦر واقعو ڊرامو، فريادي ۽ سندس سالو ئي جوابدار نڪري پيا، هڪ گرفتار |
دادو (رپورٽر) دادو شاهِي بازار ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ سون جي مبينا ڦرلٽ جو ڊرامائي انداز، پوليس ذرائع موجب فريادي ۽ سندس سالو ئي جوابدار نڪتا آهن، دادو جي شاهِي بازار ۾ زين جيولرز مان مبينا طور هڪ ڪروڙ 65 لک رپين کان وڌيڪ مال جي ڦرلٽ واري واقعي جو پوليس اهم اڳڀرائي ڪندي ڊراپ سين ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جاچ دوران مبينا طور تي فريادي دانش جويو ۽ سندس سالو راشد جويو ئي واقعي جا مک جوابدار نڪتا آهن ڊي ايس پي سٽي دادو اڪبر چنه موجب پوليس مختلف رخن کان جاچ، سي سي ٽي وي فوٽيجز، فريادي جي بيان ۽ ٻين ذريعن جي مدد سان تحقيق اڳتي وڌائي، جنهن کانپوءِ فريادي دانش جويو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس سالو رشد جويو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس موجب گرفتار فريادي دانش جويو دوران جاچ مبينا طور تي انڪشاف ڪيو آهي ته جيولرز جو مالڪ زنواري ڪربلا ويو هو، جنهن دوران سون ڦٻائڻ لاءِ هن پنهنجي سالي راشد جويو سان گڏجي مبينا طور تي منصوبو جوڙيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار دانش جويو کان جاچ دوران واقعي بابت وڌيڪ اهم انڪشاف پڻ سامهون آيا آهن، جڏهن ته مبينا طور ڦٻايل سون جي برآمدگي لاءِ به ڪارروائي جاري آهي