دادو ۾ صوبائي وزير محمد بخش مهر جي رستا روڪ، ڇڪتاڻ

اپريل 29, 2025

دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ باءِ پاس ٻرڙا شاخ وٽ وڪيلن ۽ شهرين پاران دادو ، ڄامشور انڊس هاء وي تي هنيل ڌرڻي دوران صوبائي وزير محمد بخش مهر پوليس اسڪواڊ سميت ڄامشورو کان لاڙڪاڻو پئي ويو ته دادو باء پاس ڌرڻو هڻي ويٺل وڪيلن ۽ شهرين سندس گاڏي کي روڪي ورتو ، صوبائي وزير جي اسڪواڊ ۾ اهلڪارن پوليس موبائيل مان لهي احتجاج ڪندڙن کي رستو ڏيڻ جو چيو ته وڪيلن ۽ شهرين صوبائي وزير جي گاڏي ۽ پوليس اسڪواڊ موبائيل جو گهيراء ڪيو ۽ ڪئنالن ۽ ڪئنالن جي حامين خلاف سخت نعري بازي ڪئي، صوبائي مجبورن پنهنجي گاڏي واپس سيوهڻ طرف موٽائي ويو، اهڙيون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون آهن

Leave A Comment