دادو ۾ ناري جي اغوا ڪوشش، مزاحمت تي 3 عورتون زخمي

دادو ۾ ناري جي اغوا ڪوشش، مزاحمت تي 3 عورتون زخمي

دادو (رپورٽر) دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهباز ڪالوني ۾ مبينا طور 17 سالن جي ناري امبر پنهور کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي ٽي عورتون زخمي ٿي پيون، رپورٽ موجب 10 کان وڌيڪ هٿياربند ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ناري امبر پنهور کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گهر ۾ عورتن سخت مزاحمت ڪئي، جنهن سبب مسمات دادلي پنهور، امبر پنهور ۽ ڦاپل امبر پنهور زخمي ٿي پيون، زخمي عورتون پاڪ ڪتاب کڻي زخمي حالت ۾ دادو پريس ڪلب پهتيون، جتي هنن احتجاج ڪندي مريد، الطاف، عزيز، عارف پنهور ۽ ٻين مٿان گهر ۾ داخل ٿي اغوا ڪرڻ جو سنگين الزام هنيو.متاثر عورتن جو چوڻ هو ته هٿياربند گهر ۾ گهڙي دهشت ڦهلائي ۽ ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت سبب حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا. هنن الزام هنيو ته کين مسلسل ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن، هنن جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو.