دادو(رپورٽر) دادو ۾ هڪ ڏينهن دوران ڇتن ڪتن معصوم ٻارڙن سميت 17 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو
شهر جي دڙو روڊ وٽ ڇتي ڪتي گهر ۾ گهڙي 3 سالن جي رحمان پنڙ ۽ سندس ڏاڏي حسنا کي ڏاڙهي زخمي ڪيو
شهر جي مختلف پاڙن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪتن پاران ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ وڌيڪ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي دادو جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو
زخمي ٻار رحمان جي معصوم ڀيڻ ڊاڪٽرن کي هٿ ٻڌي پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ منٿون ڪندي نظر آئي