دادو ۾ وڻن جي واڍي: پوليس جو پير مظهر جي درخواست وٺڻ کان انڪار

جنوري 24, 2025

دادو (رپورٽر) اڳوڻو صوبائي وزير پير مطھر الحق وڻن جي واڍي خلاف درخواست ڏيڻ لاءِ وڪيلن سميت خدآباد ٿاڻي تي پهتو ته ان کان اڳ ايس ايچ او نور حسن ڇڇر ۽ وڏو منشي ٿاڻي ڇڏي هليا ويا، پير مظهر ڊيوٽي تي موجود اي ايس آءِ قربان کي درخواست ڏني پر اي ايس آءِ پير مظهر کان درخواست وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پير مظهر هڪ ڪلاڪ تائين ايس ايچ او جو ٿاڻي تي انتظار ڪندو رهيو پر ايس ايچ او جي نه پهچڻ تي پير واپس روانو ٿي ويو آهي، خدآباد ٿاڻي تي پير مظهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي ڳوٺ ڀرسان نورجا لڳ شاخ وٽان سرڪاري وڻن جي واڍي ڪئي وڃي ٿي ، مون پوليس کي گهرائي وڻن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي پڪڙائي، پوليس انهن کي آزاد ڇڏيو آهي، هڪ اڳوڻي قانون جي وزير کان اگر وڻن جي واڍي خلاف ٿاڻي تي شڪايتي درخواست پوليس نه وٺي ته سنڌ جي ٿاڻن مان انصاف جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، بدامني وڌي وئي آهي، روز موٽر سائيڪلون ڦر ٿين ٿيون پوليس ڳولي ڪو نه ٿي لڀي، ايس پي، آءِ جي سنڌ جو به چوڻ نه پيو وٺي آخر هي ڇا ٿي رهيو آهي، مون وڏي وزير سيد مراد شاھه کي ميسيج ڪيا پر اهو به موٽ نه پيو ڏئي، سڀاڻي سيشن جج دادو جي عدالت ۾ 22 ، اي بي جي درخواست داخل ڪندس.

 

Leave A Comment