دادو ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضا؟ 8251 ايڪڙ بااثرن ڦٻائي ورتي، اڳوڻا اسيمبلي ميمبر به قابض

دادو ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضا؟ 8251 ايڪڙ بااثرن ڦٻائي ورتي، اڳوڻا اسيمبلي ميمبر به قابض

دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو ضلعي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻيلي کاتي جي وڏي پئماني تي سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضا ٿيڻ جو وڏو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي ابتدائي رپورٽن موجب ضلعي ۾ ٻيلي کاتي جي گڏيل ايراضي 57,055 ايڪڙ آهي، جنهن مان لڳ ڀڳ 8,251 ايڪڙ سرڪاري زمين تي بااثر ماڻهن ۽ مبينا طور ڪجهه اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن جي ماڻهن جا قبضا قائم آهن، جيڪي ڪجھ سال اڳ پيدا ٿيل انتظامي ڪمزوري ۽ غيرشفاف رڪارڊ جو نتيجو قرار ڏنا پيا وڃن . هن صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضى علي شاهه جي صدارت هيٺ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ، رڪارڊ آف رائٽس جي تصديق، ۽ جنگلاتي زمينن جي اصل صورتحال بابت ضلعي سطح جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جنگلات ۽ ريونيو کاتن جي اعليٰ آفيسر وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني اجلاس دوران آفيسر ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته مختلف علائقن ۾ غيرقانوني قبضا برقرار آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جي هدايتن تي هلندي 2,565 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرايا ويا آهن ۽ باقي علائقن ۾ به آپريشن جو عمل جاري آهي ٻيلي کاتي جي نمائندن، مختيارڪار دادو ۽ مختيارڪار ميهڙ ٻڌايو ته ڪچي وارن علائقن ۾ زمين جو رڪارڊ وڏي حد تائين درست ڪيو ويو آهي ۽ فارم ستين الف ۾ سو سيڪڙو رڪارڊ داخل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪچا الف رجسٽر ۽ فاريسٽ رجسٽر ۾ باقي داخلا تيزي سان مڪمل ٿي رهيون آهن. ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر پڻ اجلاس دوران تصديق ڪئي ته غيرقانوني قبضا، رڪارڊ جي کوٽ ۽ ماضي جي غفلت سبب سرڪاري زمين متاثر ٿي آهي، جنهن جي درستگي لاءِ کاتو پنهنجي ذميوارين مطابق قدم کڻي رهيو آهي ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضىٰ علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري زمين قوم جي امانت آهي، هن امانت ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي جتي به قبضو آهي، فوري طور قانوني قدم کنيا وڃن رڪارڊ جي شفافيت ۽ درستگي ضلعي انتظاميا جي پهرين ترجيح آهي، ۽ هر مبينا قبضو ڪندڙ خلاف بنا رعايت ڪارروائي ڪئي وڃي هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جنگلات ۽ ريونيو کاتا گڏيل حڪمت عملي تحت رڪارڊ آف رائٽس جي تصديق مڪمل ڪن، بين المحڪماتي رابطو مضبوط بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به غيرقانوني عمل جي صورت ۾ فوري رپورٽ ڏيئي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ضلعي انتظاميا مطابق سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ وڏي پيماني تي آپريشن جي منصوبه بندي جاري آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سنجيده ڪارروائي عمل ۾ آڻي ويندي