| دادو ۾ ٽريفڪ جام جو جادو: مک رستن تي غير قانوني پارڪنگ: روڊ بلاڪ معمول، شهري پريشان |
دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو شهر جي مين چوڪ سميت اهم رستن تي ٽريفڪ جام شهري زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي، جتي روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ گاڏيون ڦاٿل رهڻ معمول بڻجي ويو آهي. ڪچهري روڊ کان وٺي سينيما چوڪ تائين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جنهن سبب ايمرجنسي حالتن ۾ ڦاٿل مريضن، اسڪول وينن، آفيس ويندڙ ملازمن ۽ عام شهرين کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.گرمي ۽ بي ترتيبي سبب ڪيترائي شهري گاڏين اندر بيحال نظر آيا شهري آزار حد کان وڌڻ بعد ڪيترائي ماڻهو پاڻ ڪار مان لهي آيا ۽ پاڻمرادو ٽريفڪ کي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جڏهن ته هار پهريل شهري پاڻ مرادو ٽريفڪ بحال ڪرائڻ ۾ مصروف نظر آيو، سندس چوڻ هيو ته انتظاميا پنهنجي ذميواري نٿي نڀائي ته مجبوراً عوام کي پاڻ اڳتي اچڻو پوندو. شهرين جو چوڻ آهي ته مين چوڪ تي ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي مقرر هوندي به ٽريفڪ جام معمول بڻيل آهي، غلط پارڪنگ، ريڙهين، موٽر سائيڪلن غير قانوني حد دخلين ۽ ٽرانسپورٽ جي بي قابو داخلا سبب شهر ٽريفڪ جو شڪار آهي. ڪيترن ئي شهرين انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪندي فوري طور ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، شهرين محمد بخش ڪورائي،وسيم کوکر،عنايت جمالي ۽ ٻين پاران انتظاميا کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته دادو شهر جي اهم چوڪن ۽ رستن تي مستقل ٽريفڪ پوليس مقرر ڪئي وڃي، غير قانوني پارڪنگ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهرين کي روزاني عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، ٻي صورت ۾ شهري احتجاج جو حق محفوظ رکن ٿا.