دادو ۾ پوليس ٽيسٽ پاس اميدوارن جو مظاهرو، بک هڙتالي ڪيمپ قائم

دادو ۾ پوليس ٽيسٽ پاس اميدوارن جو مظاهرو، بک هڙتالي ڪيمپ قائم

دادو (رپورٽر) دادو ضلعي ۾ پوليس ڀرتين جي عمل ۾ دير ۽ ناانصافي خلاف ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران دادو پريس ڪلب آڏو حافظ فدا حسين، عبدالجبار کرل، مير جان جويو، تحسين لاشاري ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اميدوارن بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي. مظاهري ۾ شامل نوجوانن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي ڪئي ۽ سنڌ حڪومت خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو مظاهرين دانهيون ته هو گذريل 8 مهينن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن، پر هن وقت تائين دادو ۽ ٽنڊو الهيار ضلعن جي اميدوارن کي آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ جي باقي سمورن ضلعن جي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن. هن صورتحال کي مظاهرين کليل ناانصافي قرار ڏنو احتجاج ڪندڙ اميدوارن جو چوڻ هو ته انهن تحريري ٽيسٽ، جسماني ٽيسٽ ۽ ٻيا سڀئي مرحلا ڪاميابي سان پاس ڪيا آهن، ان باوجود کين ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته حيدرآباد رينج ۾ شامل 9 ضلعن مان رڳو دادو ۽ ٽنڊو الهيار جي اميدوارن کي ڀرتين مان ٻاهر رکيو ويو آهي، جيڪو سمجهه کان ٻاهر آهي هنن چيو ته  انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو .