دادو ۾ پٽيوالن ۽ چوڪيدارن جعلي صحيحون ڪري لکين رپيا ڪڍرائي ورتا

دادو ۾ پٽيوالن ۽ چوڪيدارن جعلي صحيحون ڪري لکين رپيا ڪڍرائي ورتا

دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو ضلعي ۾ تعليم کاتي ۽ ٽريزري (خزانه) آفيس جي عملدارن جي مبينا ملي ڀگت سان سرڪاري خزاني کي لٽڻ جا انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب جعلي بلن ۽ ڪوڙين صحيحن ذريعي پٽيوالن ۽ چوڪيدارن خزانه آفيس جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري 5 لک 72 هزار 215 رپيا سرڪاري خزاني مان فراڊ سان ڪڍي ورتا. ڄاڻايو ويو آهي ته رقم جعلي صحيحن ذريعي غيرقانوني نموني جاري ڪرائي وئي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هاءِ سيڪنڊري) دادو، فرح ناز چنا پاران اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي باضابطه شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي، شڪايت موجب رقم ڊي اي او جنرل دادو جي اڪائونٽ مان DDO ڪوڊ DD0100 تحت فراڊ سان ڪڍي وئي، جڏهن ته اهو اڪائونٽ اڳ ئي غيرفعال (Defunct) هو. خط ۾ ڊي اي او پاران ڄاڻايو ويو آهي ته تعليم کاتي جو چوڪيدار جاويد احمد، نائب قاصد يونس ڀٽي، خزانه آفيس جا ڪجهه عملدار ۽ خانگي وينڊر عامر نالي شخص هن ڪرپشن ۾ ملوث آهن. ضلعي اڪائونٽ آفيس دادو پاران پاڻ اعتراف ڪيو ويو ته بلن تي ٿيل صحيحون ميچ نه ٿيون ڪن، ان باوجود به رقم جاري ڪئي وئي، جيڪا انتهائي سنگين قانوني ڀڃڪڙي آهي. ڊي اي او فرحا ناز چنه خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته رٽائرمينٽ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ سندس نالي تي ڪوڙين صحيحن سان بل ڪڍيا ويا، جنهن جو مقصد کيس بدنام ڪرڻ ۽ ڦاسائڻ آهي. ڊي اي او سيڪنڊري موجب هن سڄي صورتحال بعد کيس پنهنجي عزت بابت به خدشا لاحق آهن ڪوڙين صحيحن سان جاري ڪيل بلن جون ڪاپيون ۽ ڊي اي او سيڪنڊري پاران اعليٰ اختيارين ۽ اينٽي ڪرپشن کي لکيل خط ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبات هٿ ڪري ورتا آهن، جنهن بعد معامري ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي. واقعي بعد تعليم کاتي ۽ خزانه آفيس ۾ هلچل مچي وئي آهي، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد ريجن ۽ دادو پاران معامري جي جاچ شروع ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.