| دادو ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ، عيدگاهه ۽ قبرستان اڳيان اڏاوتون، ڪم بند، 2 ڄڻا گرفتار، چڪريون |
دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو جي پي سي بي گرائونڊ جي مين گيٽ وٽ سرڪاري زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. علائقي واسين موجب ڪرڪيٽ گرائونڊ، عيدگاھ ۽ تاريخي قبرستان جي داخلي دڳ وٽ دڪان اڏڻ لاءِ نه صرف نقشو ٺهرايو ويو پر کوٽائي پڻ ڪئي وئي، جنهن تي پاڙي وارن سخت اعتراض ڪندي ڪم رُڪرائي ڇڏيو ٻنهي ڌرين ۾ جهڙپ به ٿي پئي، جنهن بعد پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ ٻن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو دڪان ٺاهيندڙ محمد عالم شاهاڻي دعويٰ ڪئي آهي ته کيس چيف ميونسپل پاران دڪان اڏڻ جي باقاعده اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته علائقي واسي چئي رهيا آهن ته سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان قبرستان ۽ عيدگاهه جو رستو تنگ ٿيڻ سان گڏ گرائونڊ جو داخلي دروازو به متاثر ٿيندو ٽائيم نيوز جي رپورٽ هلڻ بعد ضلعي انتظاميا فوري نوٽيس ورتو آهي. ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه مختيارڪار سٽي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته گرائونڊ جي حد اندر ڪنهن به قسم جو غير قانوني ڪم جاري نه رهي. ڊي سي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به دڪان يا تعمير لاءِ ڊي سي آفيس طرفان ڪا الاٽمينٽ جاري نه ڪئي وئي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو غيرقانوني ليٽر کي اجازت نامو ظاهر ڪري رهيو آهي ته اُن ڏس ۾ قانوني ڪارروائي ٿيندي ضلعي انتظاميا چيو ته پي سي بي گرائونڊ وٽ ٿيندڙ اڏاوت فوري طور روڪرائي وئي آهي ۽ سڀاڻي لاڳاپيل کاتن کي سرڪاري ليٽر جاري ڪري پڇاڻو ڪيو ويندو ته ميونسپل چيف ڪنهن قانون يا بائلاز تحت اجازت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٻئي پاسي علائقي واسي انتظاميا کان شفاف جاچ، سرڪاري زمين جي حدن جي واضح نشاندهي ۽ قبضي جي ڪنهن به امڪان کي مستقل طور روڪڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. پي سي بي گرائونڊ جو هي معاملو هاڻي ضلعي انتظاميا جي خاص نظر هيٺ اچي ويو آهي، ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.