دادو ۾ 2 جوابدارن تي ڏوهه ثابت، 7-7 سال قيد ۽ ڏنڊ سزا

دادو ۾ 2 جوابدارن تي ڏوهه ثابت، 7-7 سال قيد ۽ ڏنڊ سزا

دادو (رپورٽر) دادو جي سيشن ڪورٽ پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي ٻن جوابدارن کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سخت سزا ٻڌائي ڇڏي. سيشن جج زاهد حسين ميتلو جي عدالت جوابدار گهنور برهماڻي ۽ شاهنواز ڀرڳڙي کي 7،7 سال قيد ۽ 50،50 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي،عدالتي فيصلي موجب جوابدارن خلاف رڪڻ ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ پوليس مقابلي بابت ڪيس داخل ٿيل هو، جنهن جو تفصيلي ٻڌڻي بعد عدالت فيصلو جاري ڪيو، عدالت واضح ڪيو ته ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي.