دادو: 2 جوابدار پوليس مقابلي ڪيس ۾ ڏوهاري، 7-7 سال ٽيپ

دادو: 2 جوابدار پوليس مقابلي ڪيس ۾ ڏوهاري، 7-7 سال ٽيپ

دادو (رپورٽر) دادو جي سيشن جج زاهد حسين ميتلو جي عدالت پوليس مقابلي واري ڪيس ثابت ٿيڻ بعد ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت جوابدار عبدالحميد چانڊيو ۽ حنيف چانڊيو کي پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي هر هڪ کي ست، ست سال قيد ۽ پنجاهه، پنجاهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي عدالت طرفان ساڳين ئي جوابدارن کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ پڻ الڳ الڳ طور هر هڪ کي ست، ست سال قيد ۽ پنجاهه، پنجاهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪئي ته انهن کي وڌيڪ ڇهه مهينا قيد ڀوڳڻو پوندو.