اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافي جو رجحان جاري، هلندڙ هفتي دوران مهانگائي شرح ۾ 0.20 سيڪڙو جو معمولي اضافو ٿيو آهي
ان ڏس ۾ شماريات کاتي جي رپورٽ مطابق مجموعي طور تي مهانگائي جي شرح 34.96 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ملڪ ۾ 17733 رپين کان 22888 رپيا آمدني رکندڙ ماڻهن لاءِ مهانگائي شرح 36.51 سيڪڙو رهي،
جڏهن ته هلندڙ هفتي دوران 19 شيون مهانگيون ۽ 12 سستيون ٿيون 20 جي قيمت مستحقم رهي، شماريات کاتي جي جاري ڪيل رپورٽ موجب هفتي دوران پٽاٽا، ٽماٽا، ٿوم، دال ماش، کنڊ، ڪپڙا ڌوئڻ وارو صابڻ، وڏو گوشت، ٻاڪرو، کليل کير، ڏهي، ڳڙ، اٽو، لوڻ ۽ ٽوٽا چانور سميت بنيادي ضرورت جو 19 شيون مهانگيون ٿيون
رپورٽ موجب ايل پي جي، منڱ، چڻن جي دال، انڊا، بصر، ڪڪڙ ۽ ڪوڪنگ آئل سميت 12 ضروري شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ 20 ضروري شين جا اگهه مستحڪم رهيا. انگن اکرن موجب کنڊ جي قيمتن ۾ 4.24 سيڪڙو، ڳڙ 2.42 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ۾ 1.79 سيڪڙو،دال ماش جي قيمت ۾ 1.25 سيڪڙو،
ٿوم ۾ 1.15 سيڪڙو ۽ خام کير جي قيمت ۾ 1.08 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي گذريل هفتي دوران ايل پي جي جي قيمتن ۾ 4.14 سيڪڙو، دال جي قيمتن ۾ 0.42 سيڪڙو، بصر جي قيمت ۾ 7.56 سيڪڙو، بيضن جي قيمتن ۾ 4.86 سيڪڙو، سبزي جي قيمت ۾ 1.36 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. چڻن جي قيمت ۾ 1.46 سيڪڙو ۽ سرنهن جي تيل جي قيمتن ۾ 0.75 سيڪڙو اضافو ٿيو.