دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، نون صوبن بابت عوام سان گڏ آهيون، خدشا ختم ٿيڻ تائين حڪومت سان وڌيڪ سهڪار نه ڪنداسين: بلاول

دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، نون صوبن بابت عوام سان گڏ آهيون، خدشا ختم ٿيڻ تائين حڪومت سان وڌيڪ سهڪار نه ڪنداسين: بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اپوزيشن چيمبر ۾ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽ جي اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل اسد قيصر، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو وائس چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر، قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جو چيف وِپ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي جو ميمبر عادل بازئي ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو ترجمان اخوندزاده حسين پڻ شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، نويد قمر ۽ نديم افضل چن پڻ موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي اڳواڻن وچ ۾ پارلياماني معاملن ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن اڳواڻن کي درخواست ڪئي ته اهي پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل ٿي فعال ڪردار ادا ڪن، جنهن تي اپوزيشن اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سان مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو. پيپلزپارٽي ۽ اپوزيشن اڳواڻن پارليامينٽ ۾ قانونسازي بابت رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پيپلزپارٽي قيادت اپوزيشن اڳواڻن کي چيو ته چونڊن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ چونڊ سڌارن جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پيپلزپارٽي قيادت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾ عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ علاج شروع ٿيڻ کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اهو هڪ جمهوري روايت آهي.
 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ نون صوبن بابت عوام جو جيڪو فيصلو هوندو، پيپلز پارٽي ان سان گڏ بيهندي، اسان زور زبردستيءَ سان نه ڪالهه مڃيو آهي ۽ نه ڪڏهن مڃينداسين. جيڪڏهن سندن خدشا ختم نه ڪيا ويا ته هو ن ليگ سان سهڪار ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهن. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ هارايو ويو، جيڪڏهن مسلم ليگ ن کي ايتريون تڪراري چونڊون گهربل هيون ته کين مبارڪ هجي. حڪومت طرفان جيڪڏهن رابطو ڪيو ويو ته ضرور ڳالهائينداسين، جيستائين پيپلز پارٽي کي انصاف نه ملندو، حڪومت سان سهڪار نه ٿيندو. بلاول ڀٽو چيو ته مان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون چونڊون حقِ ملڪيت، حقِ حڪمراني جي منشور تي وڙهي آيو آهيان. اهو نٿو ٿي سگهي ته اسان حڪومتي بينچن تي ويهون ۽ اسان کي پنهنجن ڪارڪنن جا لاش کڻڻا پون. هڪ ننڍڙي علائقي ۾ چونڊون ٿيون، اهو نه ٿيڻ گهرجي ته چونڊ عمل تي سوال اٿن. بلاول ڀٽو چيو ته ڇا اتحادين سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، جهڙو آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ٿيو. جيڪڏهن اسان جي خدشن جو ڪو حل نه ٿو نڪري ته اسان انهن سان سهڪار ڪرڻ جي حق ۾ ناهيون. ن ليگ اعتراضن بابت اسان جي پارٽي يا پارلياماني ڪميٽي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي. منهنجي پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته ن ليگ سان سهڪار نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن توهان اسان جا خدشا ختم نه ڪندا ته اسان سهڪار نه ڪنداسين، رڳو قومي معاملي تي ڪجهه ٿيو ته اسان سهڪار ڪري سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير جون چونڊون انتهائي حساس آهن ۽ ڀارت سان جنگ ڪشمير مان شروع ٿي. ڪشمير جون چونڊون غير تڪراري هجن ها ته بهتر ٿئي ها. ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ هارايو ويو. ميرپور سميت ڪوٽلي ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي هارايو ويو. اسان ڪشمير جي چونڊن ۾ پنهنجا اعتراض ٻڌايا هئا ۽ سيڪيورٽي جو مطالبو ڪيو هو. مظفرآباد ۾ اميدوار تي حملو ٿيو، وفاقي حڪومت جو لشڪر اتي موجود هو. تڪراري حڪومت ڪشمير جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. ڪشمير جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته عوامي مينڊيٽ رکندڙ حڪومت اچي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نون صوبن جي قيام بابت پيپلز پارٽي جو موقف هميشه آئيني، جمهوري ۽ عوامي امنگن تي ٻڌل رهيو آهي. ڪنهن به نئين صوبي جو فيصلو ان وقت ئي ممڪن آهي، جڏهن لاڳاپيل علائقي جي عوام ۾ ان بابت واضح اتفاقِ راءِ موجود هجي. ڪنهن به خطي تي زبردستي انتظامي يا سياسي فيصلو مڙهي نٿو سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن مان پنجاب، گلگت ۽ باقي صوبن جي اسيمبلين جي قراردادن جو احترام ڪريان ٿو ته سنڌ اسيمبلي جي قراردادن کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهان ٿو. 2008ع کان 2013ع تائين پيپلز پارٽي جي دورِ حڪومت ۾ وفاق جي علامت طور هر صوبي جي نمائندگي، خودمختياري ۽ حقن جو احترام ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جو مڃڻ آهي ته نون صوبن جو ايجنڊا عوامي ڀلائي لاءِ هئڻ گهرجي، نه ته سياسي مفادن لاءِ. فيصلو پارليامينٽ، لاڳاپيل صوبائي اسيمبلين ۽ عوام جي مشاورت سان ئي ٿيڻ گهرجي.  صوبن بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح رهيو آهي. مان ڪيئن چئي سگهان ٿو ته پيپلز پارٽي صوبن جي مخالف آهي. جيستائين ڪا اسيمبلي مخالفت نٿي ڪري، مان ڪيئن اعتراض ڪري سگهان ٿو. پيپلز پارٽي جو واضح موقف آهي ته اسان عوام جي موقف سان گڏ بيهنداسين. نون صوبن بابت عوام جو جيڪو فيصلو هوندو، پيپلز پارٽي ان سان گڏ بيهندي. اسان زور زبردستيءَ سان نه ڪالهه مڃيو آهي ۽ نه ڪڏهن مڃينداسين. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اسان جي سامهون ڪنهن به ترميم جو ڪو نقطو سامهون ناهي آيو. 26هين ترميم بابت مون ٻڌايو ۽ 27هين ترميم جو مون حوالو ڏنو. جيڪڏهن ڪو نقطو سامهون اچي ٿو ته اسان ان تي ڳالهائينداسين. جتي اتفاقِ راءِ موجود هجي، اتي فيصلو اتفاقِ راءِ سان ڪيو وڃي، جتي اتفاقِ راءِ موجود نه هجي ۽ ڪا سياسي جماعت ڳالهائڻ چاهي ٿي ته ڳالهه ٻولهه ڪري. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو چاهي ٿو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو علاج ٿئي ۽ هو ٺيڪ ٿي وڃي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين اپوزيشن سان ملاقات بابت ڳالهائيندي چيو ته اپوزيشن ليڊر محمود اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ٿي آهي. پيپلز پارٽي هميشه پارليامينٽ کي عزت ڏني آهي. خواهش آهي ته اپوزيشن جون جماعتون پارلياماني ڪميٽين ۾ واپس اچن. اپوزيشن جي ڪجهه جماعتن پارلياماني ڪميٽين جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو هو. اميد آهي ته اپوزيشن جون جماعتون پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪنديون. پارليامينٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ قائمه ڪميٽين کي فعال ڪرڻ ضروري آهي. پارليامينٽ جي ڪميٽين ۾ اپوزيشن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. جتي اتفاقِ راءِ موجود هجي، اتي فيصلو اتفاقِ راءِ سان ڪيو وڃي. جتي اتفاقِ راءِ موجود نه هجي ۽ ڪا سياسي جماعت ڳالهائڻ چاهي ٿي ته ڳالهه ٻولهه ڪري. بلاول ڀٽو چيو ته اپوزيشن جون جماعتون چونڊ عمل بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جيڪڏهن اپوزيشن چاهي ٿي ته بهتري اچي ته چونڊ سڌارن لاءِ اچو، گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته جيستائين پارليامينٽ جون ڪميٽيون ڪم نه ڪنديون ۽ سڀئي جماعتون گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه نه ڪنديون، تيستائين عوامي مسئلن جو حل ممڪن ناهي. پيپلز پارٽي جو مڃڻ آهي ته اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر پارليامينٽ جي حرمت ۽ فعاليت تي ڪو سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي.جيڪڏهن اسان واقعي هڪ فعال، باوقار ۽ بااختيار پارليامينٽ چاهيون ٿا ته ضروري آهي ته ان جا سڀئي ادارا ۽ ڪميٽيون خلوص سان ڪم شروع ڪن. پارليامينٽ تڏهن ئي عوام جي حقيقي نمائنده بڻجي سگهي ٿي، جڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي پنهنجون ذميواريون نڀائين ۽ اختلافن باوجود هڪ ميز تي ويهي ملڪ جي مسئلن جو حل ڳولين. چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته ان لاءِ اپوزيشن جماعتن کي پنهنجي موجوده فيصلي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ پارلياماني ڪميٽين ۾ واپس اچي تعميري سياست جو حصو بڻجڻو پوندو. هن چيو ته پارليامينٽ ڪنهن هڪ جماعت جي ميراث ناهي، پر اها 24 ڪروڙ عوام جو فورم آهي. هتان ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين قومي مسئلن جا حل نڪري سگهن ٿا. اسان سڀ گڏجي پارليامينٽ کي ان جو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ ڏيون. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آهي ۽ عوام جي قوتِ خريد تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي. بجلي، گئس ۽ روزمره جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ واڌ عام گهرن جي بجيٽ کي سخت متاثر ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ڪئي پئي وڃي، جنهن جو سڄو بار سڌو سنئون غريب ۽ ڪمزور طبقي تي پئجي رهيو آهي. حڪومت کي گهرجي ته هوءَ فوري طور تي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن حڪومت جو موقف اهو آهي ته پارليامينٽ ۾ پيپلز پارٽي جي ضرورت ناهي ته اسان ان حقيقت کي قبول ڪريون ٿا. پر سياسي منافقت اها آهي ته هڪ طرف ن ليگ جو بيانيو اهو ٺاهيو وڃي ٿو ته پيپلز پارٽي حڪومت جي رستي ۾ بيٺل آهي، ۽ ٻئي طرف هر اهم قانون، هر آئيني ترميم ۽ هر مشڪل بل لاءِ کين پيپلز پارٽي جي ووٽ ۽ حمايت گهربل هوندي آهي. حڪومت جا پنهنجا ڪيترائي اهڙا هدف آهن، جيڪي هوءَ ايوان ۾ اڪيلي حاصل نٿي ڪري سگهي. اسان پارلياماني روايت تحت پنهنجا خدشا پيش ڪيا، متبادل تجويزون ڏنيون ۽ قومي مفاد ۾ سهڪار جي آڇ به ڪئي. پر حڪومت نه اسان جي ڳالهه ٻڌي ۽ نه اسان جي اعتراضن کي اهميت ڏني. هن چيو ته ڪشمير ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروسز جي بندش سبب نوجوان، شاگرد، فري لانسرز، آءِ ٽي شعبي ۽ ننڍا ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيا آهن. ڊجيٽل معيشت ۽ آن لائن تعليم کي اهڙيءَ طرح مفلوج ڪرڻ ملڪ جي ترقي جي مفاد ۾ ناهي. حڪومت کي فوري طور تي ان حوالي سان پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي، ته جيئن نوجوانن جو مستقبل داءَ تي نه لڳي. هن مطالبو ڪيو ته حڪومت پارليامينٽ ۽ سمورين سياسي قوتن کي اها خاطري ڪرائي ته ڪنهن به ڪميشن جي قيام ۽ شفاف جاچ کان سواءِ انتقامي ڪارروائين جو رستو اختيار نه ڪيو ويندو. انصاف رڳو ٿيڻ نه گهرجي، پر ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي. ملڪ صرف سچ ڳالهائي، ماضي جي غلطين مان سبق سکي ۽ سڀني کي گڏ وٺي اڳتي وڌي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انتقام جي سياست ماضي ۾ قوم کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچايو آهي. هن ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته اڄ بي ايل اي، سنڌي قومپرست گروهن ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ هڪ خطرناڪ نيٽ ورڪ ٺهي رهيو آهي ۽ انهن عنصرن جا ٺڪاڻا افغانستان ۾ موجود آهن، جيڪي مربوط منصوبابندي تحت ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ دهشتگرد ڪاررواين جون سازشون ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته اهو رجحان نه رڳو ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آهي، پر خطي جي امن لاءِ به ڳڻتي جوڳو آهي. رياست کي هن نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ لاءِ سفارتڪاري ۽ سلامتي جي سطح تي مربوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ته جيئن ٻاهرين سرپرستي سان ٿيندڙ دهشتگردي جو هر رستو بند ڪري سگهجي. پاڪستان جا دشمن نٿا چاهين ته ملڪ معاشي ۽ سياسي طور ڪامياب ٿئي. اسرائيل ۽ ڀارت جهڙيون قوتون آپريشن سندور جهڙن منصوبن ذريعي پاڪستان ۾ عدم استحڪام پکيڙڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن. انهن سازشن جو مقصد پاڪستان اندروني انتشار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائڻ آهي. اسان کي انهن ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ قومي يڪجهتي، بهتر پرڏيهي پاليسي ۽ اندروني سياسي استحڪام يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته پارليامينٽ کي هن وقت سڀ کان وڏو خطرو اهو آهي ته جڏهن ان جا پنهنجا ميمبر ان جي آئيني ڪردار ۽ تقدس کي تسليم نه ڪن. اپوزيشن جو پارليامينٽ کان پري رهڻ جو فيصلو سياسي طور به درست ناهي ۽ جمهوري روايتن جي به خلاف آهي. مسئلن جو حل ايوان کان ٻاهر نه، پر ايوان اندر مڪالمي، قانون سازي ۽ احتساب ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو. پارليامينٽ کي فوري طور تي فعال بڻائڻو پوندو، ته جيئن اها عوام جي مسئلن، قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جهڙن اهم معاملن تي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري سگهي. ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي، اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر، اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر ۽ سينيٽ جي اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پارلياماني معاملن ۽ ملڪي سياست تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات جو بنيادي ايجنڊا اپوزيشن کي پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل ٿي فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ، قانون سازي بابت رابطن کي وڌائڻ ۽ چونڊ سڌارن ذريعي چونڊن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ خيالن جو اظهار ڪرڻ هو.