دانشور آهي، جذبات ۾ چئي ويو هوندو: احسن خلاف توهين عدالت درخواست خارج

آگسٽ 15, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

چيف جسٽس چيو ته هي ڪيس وڌيڪ هلائڻ جو ڪو سبب ناهي، توهين عدالت ٿي يا نه اهو طئي ڪرڻ اسان جو ڪم آهي

چيف جسٽس چيو ته درخواستگذار محمود اختر نقوي اوهان اطلاع ڏنو اوهان جي مهرباني، هن ڪيس کي وڌيڪ هلائڻ لاءِ گرائونڊ موجود ناهي

چيف جسٽس چيو ته منهنجي نظر ۾ احسن اقبال تمام گهڻو سنجيده ۽ دانشور انسان آهي، جذبات ۾ ڪا ڳالهه ڪري ڇڏي هوندي

چيف جسٽس چيو ته 25اپريل 2018ع تي احسن اقبال گهرو وزير طور ٻڌڻي هيٺ ڪيس بابت ڳالهايو هو، اها ڳالهه ته طئي آهي ته قانون کان ڪير به مٿانهون ناهي، 5 سالن کانپوءِ گهرائي ان کي ڇا چئون

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آرٽيڪل 204 تحت توهين عدالت جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي، ان جو استعمال ڪٿي ڪرڻو آهي يا نه اهو اسان کي طئي ڪرڻو آهي اسان جي فيصلن ۾ ايترو وزن هجڻ گهرجي جو عمل ڪيو وڃي

Leave A Comment