| دانش تيمور سان طلاق ناهي ٿي: عائزه جي وضاحت |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره عائزہ خان دانش تيمور سان طلاق ۽ عليحدگي جي افواهن تي آخرڪار چپ چوري ڇڏيا، تازو عائزہ خان هڪ فين پيج طرفان ڪيل تبصري جو جواب ڏيندي طلاق جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اداڪاره واضح ڪيو ته سندس طلاق يا عليحدگي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون بي بنياد ۽ جعلي آهن. تازو عائزہ خان طرفان انسٽاگرام تي دانش تيمور سان گڏ ڪجهه تصويرون هٽائڻ سبب عليحدگي جا افواهه پکڙيا هئا، سوشل ميڊيا صارفين انهي تي سوال اٿارڻ شروع ڪري ڏيا هئا.عائزہ خان ۽ دانش تيمور کي شوبز جي مقبول جوڙين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ٻنهي کي مداحن طرفان هميشه ڀرپور محبت ملندي رهي آهي.