دبئي ايئرشو حادثي بعد ڀارت کي نقصان، تيجس جهاز جي خريداري جو سودو رد

دبئي ايئرشو حادثي بعد ڀارت کي نقصان، تيجس جهاز جي خريداري جو سودو رد

نئين دهلي (م ڊ) آرمينيا دبئي ايئر شو ۾ ڀارتي جنگي جهاز تيجس جي تباهي کانپوءِ انهن جهازن جي خريداري معطل ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آرمينيا ۽ ڀارت جي وچ ۾ 1.2 بلين ڊالر ماليت جي 12 جهازن جي خريداري بابت ڳالهه ٻولهه جاري هئي ۽ سودو طئي ٿيڻ جي صورت ۾ اِها تيجس جنگي جهاز جي پهرين وڏي برآمدي ڊيل هجي ها. رپورٽن موجب آرمينيا جي طرفان خريداري رد ڪرڻ تي اسرائيل ايرو اسپيس انڊسٽريز کي به ڏهاڪو ملين ڊالرن جو نقصان ٿيندو، ڇو ته تيجس ۾ اسرائيل ۾ تيار ڪيل ريڊار ۽ ڪيئي جديد ڊوائسز شامل آهن. واضح رهي ته 21 نومبر تي دبئي ايئر شو دوران ڀارت جو جنگي جهاز تيجس ڪِري تباهه تباهه ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پائليٽ به حياتي وڃائي ويٺو هو.