دبئي ايئر شو ۾ ڀارت جو ويڙهاڪ جهاز ڪرتب ڏيکاريندي تباهه

دبئي ايئر شو ۾ ڀارت جو ويڙهاڪ جهاز ڪرتب ڏيکاريندي تباهه

دبئي(م ڊ) دبئي ۾ ايئر شو دوران ڀارت جو ملڪ اندر ٺهيل ويڙهاڪ جهاز تيجس ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پائلٽ به اجل جو شڪار ٿي ويو. ڀارتي ايئر فورس دبئي ايئر شو دوران مقامي طور تي تيار ٿيل ويڙهاڪ جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي جهاز دبئي ايئر شو ۾ مظاهري دوران ڪِريو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته دبئي ايئر شو دوران اهو حادثو ايروبيٽڪ اسٽنٽ دوران ڪِريو، حادثي جو شڪار جهاز 2016ع کان سروس ۾ موجود هو. حادثي کانپوءِ اهو ايونٽ ڪجهه دير لاءِ روڪيو ويو جيڪو بعد ۾ وري شروع ٿي ويو.