| درازاشريف ۾ معصوم ٻالڪ جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار |
راڻيپور(ن پ ا) درازا شريف ۾ سورنهن ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل چئن سالن جو معصوم علي رضا ڀٽي ڪيس جو مک جوابدار افضال علي فاروقي کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جلد ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو، پوليس موجب جوابدار معصوم نينگر علي رضا ڀٽي کي قتل ڪري لاش مڇي تي تلاءَ ۾ اڇلايو هو. جوابدار وٽان ڀنگ وارو ڏنڊو هٿ ڪيو ويو.