| درازن ۾ چئن ورهين جو معصوم نينگر پراسرار نموني فوت، تلاءُ مان لاش هٿ، قتل جو شڪ |
راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور لڳ درازا شريف ۾ گم ٿيل چئن ورهين جي معصوم نينگر علي رضا ڀٽي ولد منٺار ڀٽي جو چئن ڪلاڪن جي ڳولا بعد درازا ڀرسان مڇي جي تلاءَ مان لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي وارثن پهچي لاش ڪڍي ورتو، جڏھن ته معصوم جي مٿي تي تي تيز ڌار اوزار سان سان ڌڪ جو نشان لڳل ھو جنھن مان رت پڻ وهي رهيو ھو. حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل معلوم ڪيا. والد منٺار ڀٽي جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني نه آھي اسان سان ظلم ٿيو آھي معصوم کي قتل ڪري لاش مڇي جي تلاء ۾ اڇلايو ويو اسان سان انصاف ٿئي وارثن ايس ايس پي خيرپور ايس ايڇ او راڻيپور کان مطالبو ڪيو آھي انڪوائري انصاف ڪيو وڃي جڏھن ته راڻيپور پوليس ٻڌايو ته جيئن اسان کي اطلاع مليو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.