Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ke8rhg06llqo4tpdn95a4gsu8t, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
دراوڙ اڄ به دردن ۾ آھي! ... امر رائيسنگهه راجپوت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar دراوڙ اڄ به دردن ۾ آھي! ... امر رائيسنگهه راجپوت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

دراوڙ اڄ به دردن ۾ آھي! … امر رائيسنگهه راجپوت

پنهنجو پاڻ کي ريل اڳيان اُڇلائيندڙ سارا شگفته ڪٿي لکيو آھي ته ”رانديڪن جو مُقدر وڌ ۾ وڌ ٽُٽڻ هوندو آھي“ انصاف نه ملڻ تي پنهنجو پاڻ کي کوھ ۾ اُڇلائيندڙ مومل جي اکين ۾ مايوسي ڏسي آئون چوان ٿو ته سارا! ”مسڪينن جو مقدر وڌُ ۾ وڌُ مرڻ ئي هوندو آھي“ پنهنجو پاڻ کي مارڻ کان مٿي دنيا ۾ ڪو به احتجاج نٿو ٿي سگهي؟ اهو به ڪا نياڻي ڪري، ڪا عورت ڪري، پوءِ به انصاف نه ملي ته ان نظام کي ڇا چئجي؟ ڇا چئجي اُن ڪاري رنگ کي جيڪو انصاف جي علامت ته آھي، پر انصاف جي منهن تي سدائين دانگي ملي ٿو. ڪهڙو نانءُ ڏجي ان عدل ۽ انصاف کي؟ جيڪو هڪ معصوم نياڻيءَ جي لٽيل لڄ تي انصاف جي لوئي وجهي نه سگهيو، ۽ اُھا نم جي وڻ جهڙي نينگري پنهنجو تار تار ٿيل جسم کڻي ڪنهن جهوني کوھ جي لحد ۾ لهي ويئي! نه ڪنهن کَٽو مل کي کٽڪو آھي، نه ڪنهن ڪرشنا کي ڪهل اچي ٿو. هڪ پيءُ جون اکيون ٻُوٽجي ويون آھن ۽ ڪنڌ جهڪي ويو آھي، هڪ ماءُ جي من ۾ ميخ لڳي آھي، هڪ ڀاءُ جي دل ۾ ڀالي جو گهاو ٿيو آھي. مومل نياءُ نياءُ ڪندي مري ويئي آھي، ۽ هي ڪوڪڙي سماج ان جو ڦوٽو شوشل ميڊيا تي رکي هڪ ڀيرو وري نئين ڍنگ سان اُن معصوم نياڻيءَ جي پويتر عصمت سان گينگ ريپ ڪري رهيو آھي..ڪيڏو نه وحشي الميو آھي!
دراوڙ اڄ به ڀوڳي ٿو، توڙي جو هن قبيلي تعليم جي هٿيار سان وقت جي وڏن يزيدن سان وڏي جنگ وڙهندي سماج ۾ اعليٰ مرتبو ته ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري ورتو آھي، پر اُن جو نوي سيڪڙو مسڪين ماڻهو اڄُ به ساڳي سُورن ۾ آھي. پورهيت طبقي جو استحصال اڄُ به آڳاٽي ايام وانگي جيئن جو تئين ٿئي پيو، ان کي اڄُ به ڪمزور ۽ هيڻو سمجهي هيسايو وڃي ٿو. مسڪين اڄُ به ڪٿي ڪڙي ڀڳل ڪوپ ۾ چانهه پيئڻ تي مجبور آھي ته ڪٿي پنهنجي گهر ۾ به ٻين جي رحم و ڪرم تي رهي ٿو. مسڪين اڄ به کٽ بدران پَٽُ تي ويهاريو وڃي ٿو. دراوڙ هن ڌرتيءَ جو اهو بدنصيب قبيلو آھي، جنهن کي هر وقت زماني جي خُدائن پنهنجين ڪوڙين انائن ۽ طاقت جي انڌ ۾ پيڙھيو آھي. ڪڏھن ڇُوت ڇات واري ڇاپ لڳائي هن قبيلي جي ڪُونجن کي کُوهن تان خالي گهڙا کڻڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي ته ڪڏھن کُنهنڀي اوڍڻ تي نئين وينهايل ڪنوار کي مٿا اُگهاڙيءَ گهر موٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. هي سڻيءَ جي ڦُل جهڙو گورڙو ۽ ڪوئل جهڙو ڪارڙو قبيلو نه ڪنهن 65ع ۾ پرڏيهه پلاڻيو نه 71ع ۾ انچ لُڏيو. هي ڪارونجهر وانگي پنهنجي وطن ۾ اٽل رهيو، توڙي جو هن وٽ نه جاگير هُئي، نه ڪو معافي مليل هُئي. هن جي جاگير ۾ سندس ضمير هو. ملڪيت ۾ فقط آر، سُئي ۽ سڳو هُئا، جن سان هُنر کي هٿي ڏيندو رهيو. معافيءَ ۾ کيس صرف ”دعا“ مليل هُئي، جنهن کي ساريندي هن پنهنجا ڪيئي نسل کاري ڇڏيا، پر وريو وَٽيو ڪُجهه به نه.
هن قبيلي جي هٿ ۾ خُدا هُنر ته ڏنو، پر ان هنر جي بدلي کائنس گهڻو ڪُجهه کسي به ورتو! ٻيو ته گهوريو، پر سندس نردوش نياڻين جون عصمتون به محفوظ نه رهيون. ڪيڏي نه ڏُک جهڙي ڳالهه آھي جو غريبن جون نياڻيون پنهنجين لُٽيل عصمتن جو انصاف گهرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ماري رهيون آھن، ۽ انهن جي ووٽن جو کَٽيو کائي ايوانن ۾ اعليٰ منصبَ تي ويٺل ”دراوڙ ماڊل“ ماٺ جي وسڪي پِي اگهور ننڊ سُتا پيا آھن. موملن جي ڪو به داد رسائي نٿو ڪري. ڪير اهو چوڻ جي اخلاقي جرئت نٿو ڪري ته ههڙا ناحق رڳو مسڪينن سان ڇو ٿا ٿين؟ نياڻين جي عالمي ڏهاڙي تي، ڳوٺ دلن جو تڙ ۾، کُوھ ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪندڙ مومل پڻ دراوڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ ھُئي، جنهن جي نيري اُڀ ۾ اُڏامندڙ اڇي پنڇيءَ جهڙي اُجري عصمت کي ٽِن وحشي بگهڙن نشو پِي تين وال ڪيو هو. هُوءَ پاڻ سان ٿيل نسوري ناحق جي انصاف لاءِ پورا ٻه ورهيه ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندي رهي، پر اکين تي پَٽي ٻَڌل قانون هن جي لُٽيل لڄُ کي ڏسي نه سگهيو، ۽ ھُوءَ نام نهاد سماج جا اُگهاڙا مهيڻا نه سهندي نيٺ مري ويئي ۽ پنهنجو احتجاج نيلي ڇِت واري ڇترڌاريءَ وٽ ريڪارڊ ڪرائي ويئي آھي. هاڻي اهو ئي انصاف ڪندو! هن جي ڪورٽ سڀنيءَ کان سُپريم آھي، جنهن ۾ نه ڪو ريڊر آھي، نه ڪو آفيس سُپرٽيڊنٽ، نه وڪيل آھي، نه ججُ، هُو سڀ ڪجهه پاڻ آھي، ۽ ان جي حتمي فيصلي کي ڪائنات ۾ ڪٿي به ڪوبه چئلينج نه ڪري سگهندو! ليلا ۽ مومل جهڙين معصومن لاءِ اهو ئي انصاف هوندو!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *