تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

دراوڙ لوڪ … روشن داس

سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب موھن جو دڙو ۽ انڊيس سٽيزن ۾ جلد پهرئين جي صفحي 92 تي ڄاڻايو آهي ته پٿر جي نئين دؤر جا نشان سنڌ ۾ لڪيءَ وارن جبلن، کيرٿر جبل جي قطارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ اڪيچار آهن. پٿر جي نئين دور جي هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي هڪ وڏي صنعت هئي. روهڙيءَ جي جبلن مان ٺهيل پٿر جا اوزار، ڏکڻ گجرات کان وچ ايشيا تائين موڪليا ويندا هئا. مطلب ته هن دور ۾ نه رڳو سيوهڻ وارو پاسو وسيل هو، پر سنڌ جي اڀرندي طرف وارين ٽڪرين يعني ٺٽي ۽ جھرڪن جي ٻڌڪن ٽڪرن ۽ انڙپور کان وٺي روهڙيءَ وارين ٽڪرين وارو پاسو به اهڙين نشانين سان ڀريل هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پٿر جي نئين دور جا بانيڪار انهن علائقن ۾ آباد هئا. سر جان مارشل، رچرڊ برٽن، ڪرنل پاٽينجر، بارٽل فريئر، آسڪو پارپولا ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته: ”سنڌو لوڪ اصل ۾ درواڙي بنياد رکندڙ اصلوڪا لوڪ هئا، جن سنڌو ماٿريءَ ۾ اڳواٽ وسيل، نيگرائٽ، آسٽرلائڊ، آسٽرڪ، ڪولن، سنٿالن ۽ ٻين انيڪ نسلي رنگن سان گڏ، سنڌ جي عظيم تهذيب جو بنياد وجهڻ بعد، دجله- فرات واديءَ ۾ سميري تهذيب قائم ڪئي. قديم زماني کان سنڌو، نيل ۽ دجله- فرات درياهن جي ماٿرين جي عظيم تهذيبن ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. مثال طور: هڪ جهڙيون مذهبي روايتون، ديوتائن کان سواءِ بادشاهن جا ساڳيا لقب، علم نجوم ۽ ستارن جي ميڙن يا راس چڪر جي نکٽن جو اهو ساڳيو تعداد آهي، جيڪو هندستاني جوتشين قائم ڪيو هو ۽ انهن نکٽن جي ساڳي نسبتي بيهڪ، قديم هندستاني نالي ’سر منڊل‘ جي جاءِ تي تارس نالو، يعني سرندي جي بدران ڍڳي جي شڪل، اهي سڀ علامتون هڪ گڏيل بنياد ڏيکارين ٿيون.
هڪ عورت آمريڪي محقق اوميل لکي ٿي ته ”سميريا وارا پنهنجي واهپي جو سمورو سامان سنڌ کان گهرائيندا هئا، پر سميريا مان ڪو به وکر سنڌ ڏانهن ڪونه ويندو هو. اهو سنڌ جو ڪلاسيڪي بيٺڪي انتظام هو ۽ ان (سنڌ) ۾ مختلف نمونن جو سامان ٺاهڻ جو وڏو اتهاس موجود هو. بلڪل ائين، جيئن انگلنڊ پنهنجو تيار ٿيل مال پنهنجي ڪالونيءَ، آمريڪا ڏانهن موڪليندو هو. ان ساڳئي نموني سنڌ هڪ بانيڪار جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪالوني سميريا ڏانهن پنهنجو وکر صدين تائين اُماڻيندي رهي.“ سميريا جا ڪيترائي حڪمران سنڌي الاصل ۽ سنڌي النسل هئا. اها اصليت سندن نالن مان به ظاهر آهي. جهڙوڪ سارگان-I ۽ II (اصل نالو سري گياني- I ۽ II = محترم يا ڏاهو آهن.) انهيءَ تهذيب کي اڪادي بدو عربن، شهنشاهه حمورابيءَ جي شڪل ۾ تباهه ڪيو، بعد ۾ درياهي وهڪري جي تبديليءَ ۽ پوءِ انهيءَ ثقافت کي اڪادين پاڻ ۾ ضم ڪري فنا ڪري ڇڏيو. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته دراوڙ لوڪ پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي سهيوڳي سڀيتائن ۾ سڀ کان اڳڀرا ۽ ترقي يافته ۽ امن پسند لوڪ هئا، جن پنهنجي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر نڪري ٻين علائقن ۾ پنهنجون واپاري بيٺڪون ۽ حڪومتون قائم ڪيون. سنڌو تهذيب مان ئي پوئين دؤر ۾ جڙندڙ گنگا جمنا واديءَ واري هندي ثقافت ۽ هندو ڌرم جو تجزيو ڪندي محققن انهيءَ راءِ جو کليل لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي ته، ”هندو ثقافت ۽ مذهب جي بناوت ۽ تاڃي پيٽو، دراوڙي- آريائي آهي.“ رامائڻ ۾ شري رامچندر آريا ۽ راوڻ دراوڙ تهذيب جي عڪاسي ڪن ٿا. هن داستان ۾ دراوڙي ثقافت کي آريائي ثقافت وانگر ترقي يافته صورت ۾ ڏيکاريو ويو آهي. رامائڻ ۾ آريائي نسلن جا شجرا ڏنل آهن، جن کي پُراڻن ۾ ڏنل شجرن سان ڀيٽي ڏسجي ته هند سنڌ جي اوائلي قومن بابت اعتبار جوڳي معلومات ملي ويندي. گنگا جمنا جي سناتن ڌرم وارن، پوڄا وقت گلن ۽ پوتر جل جو نذرانو پيش ڪرڻ ۽ جنتر منتر پڙهڻ وارو عمل دراوڙن کان سکيو. اهي نام نهاد آريا، راڳداري، گيتن ۽ ناچ کان واقف ئي نه هئا. اڄ به هنن جي ڪن ويدن جي سوترن ۾ غنايت نه آهي.
وچ ايشيائي ڌنار قبيلن جو آريا لوڪن جي صورت ۾ واپس اچڻ وقت سنڌو تهذيب سوڪهڙيءَ جي ڪري پوين پساهن ۾ هئي. سنڌو سلطنت جي مرڪزي صوبي ۽ ڏاکڻي صوبي ۾ مک صنعتي شهرن ۽ آباديءَ وارن علائقن: موهن جي دڙي، چانهوءَ جي دڙي، ڍول ويرا، لوٿل، هڙپا، ڪالي بئنگن مان مکيه قبيلا ۽ راڄ، راجسٿان (راڄ + آسٿان) ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، اتان جي ڪمي ڪاري لوڪن (پورهيت = پُشاچ لوڪن) ميرٺ ۽ گنگا واديءَ جي شهرن ۾ نيون وستيون جوڙڻ شروع ڪيون. ڪيترائي اصلوڪا سنڌو قبيلا سنڌو سلطنت جي ڏاکڻين صوبي جي اُن دؤر جي ننڍن واهڻن رنگ پور ۽ دوارڪا ڏانهن لڏي ويا ۽ ان کي وسائي اوج ۽ عروج ڏنائون، جڏهن ته انهن وچ ايشيائي ڌنار لوڪن، جن پاڻ کي ’آرين‘ جو جڙتو نالو ڏنو، تن به گهڻو وقت جٽاءَ نه ڪيو. انهن مان ڪن قبيلن ايران ۽ ايراني بلوچستان وارن علائقن ۾ وڃي آباد ٿيڻ پسند ڪيو، جتي سنڌو جت قبيلن سان رلي ملي ويا. هنن مان ڪرد نسل پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ ايراني- رومي، عراقي- ترڪي، ترڪي- رومي جنگين جي ڪري انهن ملڪن جي سرحدي علائقن ۾ آباد ٿي هڪ مڪمل ويڙهاڪ قوم جي صورت ۾ منظم ٿيو. اهي سنڌو جت قبيلا به دراوڙن مان اُسريا هئا، جيڪي آڳاٽن سنڌو لوڪن جو اولاد هئا. سنڌ گهمندڙ چيني سيلاني ’هيون ٿسانگ‘ گرجارا (گجر لوڪن) کي جاٽ/ جٽ لوڪن جهڙو ئي قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر هينز ۽ ويسٽ فال پنهنجي ڪتاب در جيٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته، سانگي لوڪ، جيڪي مختلف قسم جا پهرو: اٺ، ڳئون، مينهون، ٻڪريون ۽ رڍون ڌارڻ ۽ سانگ خاطر لڏپلاڻ ڪندا هئا، تن مان جيڪي لڏپلاڻ واري ڪرت ڇڏي ٿانيڪا ٿيا، سي گجر ۽ راجپوت سڏجڻ ۾ آيا. قديم آثارن جي ماهرن، هڙپا، ڍول ويرا، موهن جي دڙي جي قديم شهري ماڳن مان لڌل ڪيراٽين جي اڀياس بعد انهن کي سنڌ ۽ پنجاب جي جتن/ جاٽن جي کوپڙين جهڙو قرار ڏنو آهي. تاريخدان ٽئمبي چندرگپت موريا کي موهن جي دڙي جي حڪمرانن جو پونير قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ’ڪرنل جيمس ٽاڊ‘ سومرن کي چندرگپت موريا جو پونير قرار ڏنو آهي.
سنڌيالاجسٽ آسڪو پارپولا آڳاٽن دراوڙ لوڪن جو اصلوڪو ماڳ سنڌو ماٿريءَ کي قرار ڏنو آهي ۽ مضبوط ثبوت ڏئي ٿو ته، ”قديم سنڌو سڀيتا جا باني آڳاٽا دراوڙ لوڪ ئي هئا“، اؤميل موجب، ”47000 ق. م ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ انسان آباد هئا، جن مان ڪي قبيلا 30000 ق.م ۾ ايران، عراق ۽ مصر کان ٿيندا فلسطين پهتا، جتان هو ڪريٽ جي ٻيٽن تي پهتا، اُتان هو يونان ۽ پوءِ اوڀر يورپ کان ٿيندا سڄي يورپ ۾ پکڙيا. ان کان پوءِ سنڌو ماٿريءَ مان هڪ ڀيرو ٻي لڏپلاڻ 5000 ق. م ۾ به ٿي هئي.”دراوڙي لوڪ، سندن ٻولي ۽ ثقافت سرحد پار ڪري ڀونوچ سامونڊي ڪنارن تائين وڃي پهتي. ان ريت باسڪئس، جارجيا، ايران، بلوچستان، لڊيا، ايٽروسڪئن، ڪريٽ ڏکڻ اٽليءَ جي پيلاسجيا جي ٻولي به دراوڙي بنياد رکندڙ آهن.“ ان ريت سڄو ايشيا مائن هن ٻوليءَ کان متاثر ٿيو. سمير، قديم ڪريٽ ۽ يونان جون قديم ٻوليون دراوڙي لوڪن ۽ سندن ٻولي، مذهب ۽ ثقافت جي اثر هيٺ آيون.“ سنڌو سماج ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ وسيل ۽ لهه وچڙ ۾ آيل ٻين گهڻن نسلن، خاص طرح سان پروٽو آسٽرلائيڊ، آرمينائيڊ، الپينائڊ، ترڪ ۽ منگول نسل جي لوڪن کي پاڻ ۾ ضم ڪري، سنڌو ماٿر ۾ هڪ پرامن ۽ ترقي ڪندڙ تهذيب جو بنياد وڌو.
سنڌ جا اوڏ باشندا، اصل ۾ دراوڙن جي نسل مان آهن، جيڪي ڏکڻ هندستان جا رهواسي هئا. هنن اتر هندستان ۾ اچڻ کان اڳ هڪ بستي آباد ڪئي، جيڪا ’اوڏر ديش‘ نالي سان مشهور آهي، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ’اوڙيسا‘ ٿيو. اوڏن مان ڪي مارواڙ ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا. مهاڀارت، رامائڻ ۽ ويدن ۾ ڄاڻايل لوڪن/ قبيلن جي نالن ۽ اڄوڪي سنڌ جي قبيلن ۽ ذاتين ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي آهي. اهي قبيلا ۽ ذاتيون لفظي اُچارن کان سواءِ ساڳيون آهن. اهي قبيلا هن ريت آهن: موريا، ڪيريا، شوي، اروڙا، ڪاڪا، ڪمبوهه، سومرا ۽ سانگي، سنڌ- هند جي نسل مان آهن. انهن کان سواءِ تاريخ ۾ ڄاڻايل راوڙ لوڪن جون ذاتيون، سانگي، مارو، ماڙيچا، ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل۽ شورا اچي وڃن ٿا. اڄوڪي دؤر ۾ تيليگو، تامل، ڪنڙ، مليالم، بووگر، اِرُدلار، ڪوهاتر ۽ براهوي ٻولين ڳالهائيندڙن کي دراوڙ مڃيو ۽ چيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪن ماهرن مطابق دراوڙ لوڪن مان مراد سنڌو ماٿر جا اصلوڪا لوڪ آهي. هن وقت تامل ٻولي ڳالهائيندڙ پاڻ کي اصلوڪن کان اصلوڪا دراوڙ لوڪ سمجهن ٿا. هونئن به تامل، ترامڙ ۽ دراوڙ هڪ ئي لفظ جا مختلف اُچار آهن، جيڪي ننڍي کنڊ جي مختلف نسلن جي ميلاپ ۽ صوتي اثرن جي ڪري الڳ الڳ پر هڪ معنيٰ وارا ٿي بيٺا آهن ۽ مٿيون ٻوليون ڳالهائيندڙ سمورا ماڻهو/ لوڪ، ننڍي کنڊ جا آڳاٽا ۽ اصلوڪا لوڪ آهن، جيڪي آڳاڻي اصليت جي بنياد تي درواڙ ليکيا ۽ لکيا ويا آهن، جڏهن ته تحقيق موجب انهن ۾ آڳاٽن آسٽريليائي لوڪن ، آفريڪي لوڪن نسلن جو ميلاپ صاف نظر اچي ٿو. ان ڪري دراوڙ جي اڄ جي دؤر ۾ معنيٰ اصلوڪا لوڪ آهي. وچ ايشيائي ڌنار لوڪن، جن سنڌ، پنجاب ۽ موجوده بلوچستان جي اُٺ چاريندڙ ۽ مالوند سنڌو لوڪن ۾ نسلي ۽ ثقافتي طرح ضم ٿي، جت/ جاٽ/ زط، ڪرد ويندي ڪن بلوچ قبيلن کي جنم ڏنو ۽ اهي ٻئي لوڪ افغانستان، سينٽرل ايشيا، ويندي يورپ پهتا ۽ جرمن ۽ ٻين يورپي ملڪن جي قومن جي وجود جو سبب بڻيا. اهو سلسلو اتهاس ۾ هزارين سال ق. م کان به اڳ کان هلندو پيو اچي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *