Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1eb79019vbja6gj30uuopldcrm, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
درسي اشتقاق جا تعارفي نمونا ... ڊاڪٽر الطاف جوکيو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar درسي اشتقاق جا تعارفي نمونا ... ڊاڪٽر الطاف جوکيو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

درسي اشتقاق جا تعارفي نمونا … ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سنڌ جا تعليمي ادارا سنڌي ٻوليءَ جا ڪوٽ قلعا سڏيا ويا آهن. ان ڪارڻ اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ تعليمي ادارن تي وڌيڪ توجه ڏيڻ گهرجي. استاد جي حيثيت ۾ هاءِ اسڪول توڻي ڪاليج ۾ پڙهائڻ دوران مون محسوس ڪيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو اهم اصطلاح (Term) ’اشتقاق‘ جنھن انداز سان پڙهايو وڃي ٿو، اهو ڪو ڪارائتو طريقو ناهي. اشتقاق پڙهائڻ مان مراد اها هوندي آهي ته شاگردن ۾ اها سمجهه پيدا ٿئي ته مفرد لفظ، مرڪب لفظ، مرتب لفظ ۽ مشتَق/ ڌاتو لفظ ڇا ٿيندا آهن؟ انهن کي مختلف حصن ۾ ٽوڙڻ جا ڪھڙا طريقا ممڪن هوندا آهن؟ سادي نموني لفظ ڪيئن ٽوڙي انهن جا جز معلوم ڪجن؟ لفظن جي اصليت جو اندازو ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ وغيره. اشتقاق بابت استادن جا طريقا ۽ بازاري گائيڊن جا حال به ڏٺا اٿئون، ان سبب 2006 ۾ خيال آيو ته ڇونه آئون به ڪا گائيڊ جوڙي وٺان! شروعات ئي ’اشتقاق‘ کان ڪيم. اشتقاق سان هٿ ڇا ڳنڍيم، ويو ڪم طول وٺندو! نيٺ پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جا ڪتاب گڏ ڪري انهن مان اهڙن لفظن جي چونڊ ڪيم، جن جا اشتقاق ممڪن ٿي پئي سگهيا. چونڊيل لفظن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي لفظن جي ورهاست ڪري، ٽي ڀاڱا جوڙيم.
جڏهن ڪو لفظ کڻبو آهي ته ان کي جاچڻ ۽ ڪنھن ٻوليءَ جو هجڻ لاءِ به ڪن اصولن کي سامهون رکبو آهي. اهو ڪم اهڙو ته ’اَٺ ڪاٺيو‘ آهي، جو سواءِ نور نچوئڻ ۽ ڪتاب ڦولَڻ جي، سڌو نه ٿو ٿئي. ان موقعي تي، سمجهه ۾ ان ڳالهه جو به اضافو ٿيو ته لغتون ڪيئن ترتيب ڏبيون آهن ۽ ان موجب لفظن جا بنياد ڪيئن معلوم ڪبا آهن! سنڌي ٻوليءَ جو فعل کڻبو ته ان ۾فعل سان گڏ، ’ضميري پڇاڙين‘ جو جام استعمال رهي ٿو، جيئن: لکُ، لکان، لکانءِ، لکيم، لکيس، لکئون، لکيئون، لکيو، لکيا، لکندم، لکندس، لکرائيندم، لکرائيندس وغيره. ائين وري اسم فاعل ۽ اسم وغيره جوڙڻ جا ساخت ٿين ٿا. ظاهر آهي ته ان جو بنياد ڪو هڪ ٿئي ٿو، جيئن مٿين فعلن جا بنياد/ ڌاتو/ مشتق، ’امر: لِکُ ۽ مصدر: لِکَڻُ‘ ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ درسي اشتقاق جي سکيا لاءِ، ڪنھن به ٻوليءَ جي لفظن جا ٽي ممڪن نمونا سامهون اچن ٿا: مرڪب لفظ، مرتب لفظ ۽ مشتَق لفظ.
•مرڪب لفظ بابت: مرڪب لفظ مان مراد اهڙا ٻه الڳ حيثيت رکندڙ مفرد لفظ، جيڪي الڳ ڪرڻ سان، معنادار صورت ۾ ڪم آندا ويندا هجن، جيئن: صورتخطي. مذڪوره لفظ کي جڏهن ٽوڙبو ته ’صورت = شڪل‘ ۽ ’خطي/ خط = لکت‘ الڳ صورت ۾ مفرد لفظ آهن. انهن کي ملائي استعمال ڪرڻ کي ’مرڪب لفظ‘ چئبو آهي. هيٺ مختلف ٻولين جا لفظ خيال خاطر رکجن ٿا:
سنڌي مرڪب لفظ: اڳڪٿي = (اڳ = پھريان- منڍ + ڪٿڻ = اندازو ڪرڻ- ويچار ڪرڻ) ايندڙ واقعي جي خبر- پيشنگوئي.
فارسي مرڪب لفظ:چُولستان = (جُول/ چُول = جهنگ- بيابان + آستان= هنڌ- جاءِ- ميدان) جهنگ جو علائقو- بياباني هنڌ- ويران علائقو.
عربي مرڪب لفظ: سيد الشھداء = (سيد = سردار + شھداء = فعلاء جي وزن تي جمع- گواهي ڏيندڙَ) شھيدن جو سردار- الله جي راهه ۾ قتل ٿيندڙن جو امير- حق جي گواهي ڏيندڙن جو پيشوا.
•مرتب لفظ بابت:مرتب لفظ مان مراد اهڙو لفظ جيڪو ٽوڙڻ يا جيڪي الڳ ڪرڻ سان، هڪ معنادار صورت ۾ مفرد لفظ هجي، ۽ ٻيو پروس (اڳياڙي يا پڇاڙي) صورت ۾ ايندو هجي، جيئن: نِرمَل. مذڪوره لفظ کي جڏهن ٽوڙبو ته ’نر = نه‘ ۽ ’مَلُ/ مَرُ = ميرُ- مٽِي‘ مان هڪ ’نِر‘ پروسصورت ۾ آهي، جيڪو الڳ صورت ۾ ڪم نه آندو ويندو آهي، جڏهن ته ’مَلُ يا مَر‘ مٽي يا مير لاءِ آزاد صورت ۾ ڪم ايندو آهي. اهڙن ٻَٽ يا جهُٽ لفظن کي ’مرتب لفظ‘ ڪوٺبو آهي.هيٺ مختلف ٻولين جا لفظ خيال خاطر رکجن ٿا:
سنڌي مرتب لفظ: سُلڇڻو = (سُ = سٺو + لڇڻ = نشان- عادت) سٺن لڇڻن وارو.
فارسي مرتب لفظ: بدتر/ بَتّر = (بد = خراب- ڪِنو + تَر = صفت تفصيل جي پڇاڙي- کان وڌ) ٻئي کان وڌيڪ خراب.
عربي مرتب لفظ: بسم اللـہ = (بِ = حرف جر- سان + اسم = نالو + الله = ڌڻي تعالى) الله جي نالي سان.
•مشتَق لفظ بابت:مشتق لفظ مان مراد اهڙو لفظ جيڪو ڪنھن هڪ لفظ جي بنياد مان ورتل هجي ۽ ٽوڙڻ سان صرف ان جو بنياد يا ڌاتو ئي ملي سگهي، جيئن:
مشتَق لفظ سنڌي: لکڻي = اسم ذات (لِکُ = لکڻ جو امر) لکڻ جو عمل.
فارسي مرتب لفظ:انگيز = (انگيختن = اڀارڻ- اٿارڻ-ڀڙڪائڻ) اٿاريندڙ- اڀاريندڙ.
عربي مشتق لفظ: مخدوم = مفعول (خَدَمَ = هن چاڪري ڪئي) جنھن جي خدمت ڪئي وڃي- عالِم- مفتي.
اهو اشتقاق جو خاڪو درسي آهي، جيڪو اسڪولن ۽ ڪاليج جي (نائين ۽ ٻارهين) درجن ۾ پڙهايو ويندو آهي. درسي اشتقاقن جي گروهبندي ڪندي، ٽي نمونا سڌا ڪيا ويا آهن، جن تي استادن کي مشق ڪرڻ جي صلاح ڏجي ٿي. هيٺ چند اشتقاقن جا گاڏڙ نمونا خيال خاطر رکجن ٿا:
•هَلچَل: س [هل(هلڻ جي حالت) + چل (وڃڻ/ چلڻ جي حالت)] اچ وڃ- چرپر- جاکوڙ- ڪوشش- تحريڪ- ڊوڙڊڪ- جفاڪشي.
•هٿرادُو: س [هٿ (ڪم ڪرڻ جو عضوو- دست) + راندن (هلائڻ- هڪلڻ)] هٿ جي بڻايل- هٿ جي راند ڪيل- بناوتي- نقلي- جعلي- جڙتو- هٿ ٺوڪيو.
•ويساهُه:س [وِ = گهڻو + ساهه/ شواس = جيئڻ] وڌيڪ امن ۾ رهڻ- ڀروسو- اعتبار- يقين- ايمان.
•وَنواهُه: س [وني (ڪنوار- لاڏي) وهانءُ (و = چڱيءَ طرح + واهه (وٺي وڃڻ) شادي] شاديءَ دؤران ڪنوار کي دسمل وغيره لاءِ ويھارڻ.
•نھٺو:س [نر (نه- سواءِ- بغير) + هٺ (وڏائي- آڪڙ- اهنڪار- تڪبر)] هٺ نه ڪندڙ- نماڻو- ماٺيڻو-سادو- ڌيرج رکندڙ.
•چالبازي:ف [چال (روِش- اٽڪل- حرفت- چالاڪي) + باختن/ بازيدن (کيڏڻ)] چالاڪي- حرفت- چال کيڏڻ- چالاڪي- ٺڳي- فريب.
•جانشين: ف[جاء (هنڌ- ماڳ- جڳھه- ٺڪاڻو) + نشستن (وهڻ)] ڪنھن ٻئي جي جاءِ تي وهڻ وارو- قائم مقام- اولاد يا پوئلڳن مان گاديءَ تي وهڻ وارو- نائب.
•پيش رُو:ف [پيش (اڳيان- سامهون- روبرو- آڏو) + رُو (منھن- چھرو- آڳو)] اڳ ۾ ٿي هلڻ وارو- اڳيان هوندڙ- اڳواڻي ڪندڙ- قائد- پيشوا- مھندار.
•بيتاب:ف [بي (سواءِ- بنا- علاوه) + تافتن (چمڪڻ)] رونق کان سواءِ- بي چين- بي قرار- اٻھرو- آنڌ مانڌ وارو.
•اشڪبار:ف [اشڪ (ڳوڙها- لڙڪ) + باريدن (وسڻ- وسائڻ)] لڙڪن جو وسڪاروڪندڙ- روئندڙ- گوڙها ڳاڙيندڙ.
•اعلى مقام:ع [اعلى- اَفعل- اسم تفضيل (عَلَا = هو بلند ٿيو) مٿاهون- اوچو + مَقام- مَفۡعَل- اسم مڪان (قَامَ = هو بيٺو- هو قائم رهيو) هنڌ- درجو- حيثيت] مٿاهون درجو- اعلى حيثيت.
•ابو تراب: ع[ابو (پيءُ) + تُراب (تَرَّبَ = هو مٽي ٿي ويو) مٽي- زمين جو ٽڪر] مٽيءَ جو بابو- حضرت عليؑ جو لقب، جيڪو کين رسول اللهﷺ جن مٽيءَ تي ستل ڏسي ڏنو هو.
•تَحقِيق:ع [تَحقيق- تَفعِيل- مصدر (حَقَّ = هن حق ڄاتو)] حقيقت ڄاڻڻ- کوجنا ڪري ڪنھن نتيجي تي پھچڻ- ڪنھن شيءِ جي اصليت معلوم ڪرڻ.
•اِنڪشاف: ع[اِنڪشاف- اِنفِعال- مصدر (ڪَشَفَ = هن کوليو- هن ظاهر ڪيو)] کولڻ- ظاهر ڪرڻ- ڪنھن جو ڏک درد دور ڪرڻ.
•اَنواع: ع[اَنواع- اَفعال (نوع جو جمع) طور- ڍنگ- نمونو- قسم] قسمَ- اطوار- نمونا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *