| درياءِ خان مري واقعو قتل قرار : ڪيس داخل: 2 سوگها |
دريا خان مري ( ن پ ا ) دريا خان مري ڀرسان ريلوي ٽريڪ تان ڳچي ۽ پيرن ۾ رسو ٻڌل پيرسن عطا محمد شيخ جو لاش هٿ اچڻ وارو واقعو قتل قرار، پيرسن جي پٽ امجد علي 2 جوابدارن عابد پٽ صدرالدين عرف صدر ابڙو ۽ محمد اقبال عرف ڪالو پٽ امان الله ابڙو خلاف قلم 302 تحت ڪيس داخل ڪرائي ڄاڻايو آھي ته منھنجي والد جا جوابدارن ڏانھن پئسا رھيل ھئا، جوابدارن پئسا ڏيڻ بهاني والد کي ريلوي ڦاٽڪ ڏانھن وٺي وڃي ڳچي ۽ پيرن ۾ رسو ٻڌي قتل ڪري لاش پٽڙي تي اڇلايو، پوليس عابد ابڙو ۽ اقبال ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو.