درياهن جو عالمي ڏهاڙو: ماهيگيرن جي ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري ٻيڙين تي چڙهي ڀيٽا: گل ڇٽيا ويا

درياهن جو عالمي ڏهاڙو: ماهيگيرن جي ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري ٻيڙين تي چڙهي ڀيٽا: گل ڇٽيا ويا

ملير (رپورٽر) دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ماهيگيرن جي قديم وسندي ابراهيم حيدري جي جيٽي نمبر چار تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه جي اڳواڻي ۾ سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن پاران دريائن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تقريب ٿي گذري، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ماضي ۾ سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان وهي سمنڊ تائين پهچندو هو جنهن سبب سڄو انڊس ڊيلٽا خوشحالي، زرخيز زمينن ۽ روزگار جو وڏو ذريعو هو پر جڏهن کان سنڌو درياهه جي پاڻي کي ڊيمن ۽ بئراجن ۾ روڪيو ويو آهي تڏهن کان انڊس ڊيلٽا تباهي ۽ بربادي جو شڪار بڻجي ويو آهي۔ هنن خبردار ڪيو ته هن وقت سمنڊ جي اڳڀرائي سجاول ۽ کارو ڇاڻ جي علائقن تائين پهچي چڪي آهي جيڪڏهن فوري طور سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي سمنڊ تائين نه پهچايو ويو ته ايندڙ 10 کان 12 سالن اندر بدين، ٺٽو ۽ سجاول جا ڪيترائي علائقا سمنڊ برد ٿيڻ جو خطرو آهي۔ ان موقعي تي وڏي انگ ۾ مهاڻن ۽ ڪارڪنن “سمنڊ کي پاڻي ڏيو، انڊس ڊيلٽا بچايو” جا نعرا پڻ هنيا ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه جي قدرتي وهڪري کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن انڊس ڊيلٽا، ساحلي آبادي ۽ لکين مهاڻن جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهجي.