دريا خان مري : موروجو خوني تڪرار جو جرڳو، جوابدار ڌر مٿان هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ

نومبر 25, 2024

دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان موروجو ۾ زمين جي تڪرار تان سئوٽن ھٿان 9 مھينا اڳ گوليون ھڻي قتل ڪيل محمد اقبال موروجو ۽ ٽنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيل رتو موروجو زخمي صدام موروجو ۽ پوليس کان گرفتار ڪرائي 3 مھينا جيل موڪليل ممتاز عرف ڀٽو موروجو جو فيصلو درگاھ سيد سليمان شاھ لڪياري جي گادي نشين سيد نور محمد عرف نوراني سرڪار، سيد جاويد علي شاھ ۽ درگاھ سيد نور شاھ جي گادي نشين سيد روشن علي شاھ ۽ محمد بخش مبيجو جي سرپرستي ۾ درگاھ سيد سليمان شاھ تي ٿيو، فيصلي ۾ جوابدار رحمت الله ۽ نعيم عرف گڊو موروجو واري ڌر تي ٽوٽل ھڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ رکيو ويو ۽ 30 ويسا زرعي زمين پڻ مقتول ڌر حوالي ڪئي ويندي فيصلي جي فتوا موجب قتل ٿيل اقبال موروجو جي قتل جو 60 لک روپيا ڏنڊ زخمي رتو موروجو جو 20 لک زخمي صدام موروجو جو 10 لک ۽ ممتاز عرف ڀٽو موروجو کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي 3 مھينا جيل موڪلڻ جو 10 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو مقتول ڌر جي وارثن خميسو موروجو وارن معززين کي مان ڏيندي 20 لک رپيا ڏنڊ موقعي تي معاف ڪيو، ڄام محمد علي سھتو، غلام رسول بگٽي، غلام حسين جھلڻ ۽ مجيب الرحمان جمالي امين مقرر ڪيا ويا ھيا، فيصلي ڪندڙن پاران ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ مقرر ڪيل امينن جي صلاح ۽ مشوري بعد فتويٰ جاري ڪئي وئي، فيصلي ۾ علائقي جي معززين سرائي سلطان سيال، قاري محمد حسن موروجو، رضوان راجپوت، يوسف راڄپر، اصغر راجپوت، طاھرالدين، اميد علي راڄپر، زڪريا پلھه، الاھي بخش سيال، عبدالغفار سيال، مير محمد لاشاري، محرم عمراڻي ۽ ٻيا موجود ھيا.

Leave A Comment