| دريا خان مري: نينگري سان اجتماعي زيادتي: پوجا نوشهري منتقل: 2 وحشي سوگها |
دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان چاناري شاخ وٽ رھندڙ ڀيل برادري جي 13 ورھين جي نينگري پوجا ڀيل کي فيروز پٽ گل خاصخيلي، فياض عرف ڪلو پٽ انور خاصخيلي سميت ٽن جوابدارن ڪيلي جي باغ ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، متاثر نينگري جي والد سکيو ڀيل فيروز خاصخيلي، فياض عرف ڪلو سميت 3 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي، پوليس 2 جوابدارن فيروز ۽ فياض کي گرفتار ڪري ورتو ٻئي طرف ڊي ايس پي متاثر ڪٽنب وٽ پهچي نينگري کي ميڊيڪل لاءِ نوشھروفيروز اسپتال منتقل ڪرايو، جتي نينگريءَ جو معائنو ڪرايو ويو،
| ڪلوئي ويجهو نينگر سان مبينا جنسي بدفعلي، پيش امام تي الزام |
ڪلوئي (رپورٽ: گلشير نهڙيو) ڪلوئي جي ڳوٺ موڏو لنڊ ۾ نينگر جو مسجد جي پيش امام تي مبينا جنسي زيادتي جو الزام، نينگر دانهن کڻي پوليس وٽ پهتو، پوليس نينگر کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، مدرسي جي شاگرد اسد الله لنڊ پاران مولوي عبدالعزيز لنڊ تي مبينا جنسي زيادتي جو الزام لڳائيندي چيو ته استاد مونکي گذريل ڏينهن زبردستي زيادتي جو نشانو بڻائي وڏو ظلم ڪيو آهي، هن چيو ته مون استاد کي بار بار منٿون ڪيون پر هن منهنجي هڪ به نه ٻڌي، هن مطالبو ڪيو ته مولوي عبدالعزيز خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن متاثر نينگر جي والد گلاب لنڊ ڪلوئي ٿاڻي تي پهچي اهڙي دانهن ڏني جنهن تي پوليس ميڊيڪل لاء ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين نه واقعي جو ڪيس داخل ٿيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل م آئي، پوليس موجب اسان واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪيون پيا، هوڏانهن الزام هيٺ آيل مولوي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو ٿئي نه سگھيو…
| ڪلوئي واقعو: چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جو متاثر ٻالڪ سان رابطو |
ڪراچي: ڪلوئي ڀرسان ڳوٺ موڏو لنڊ ۾ مسجد جي پيش امام پاران ٻالڪ سان جنسي زيادتي جو سوشل ويلفيئر واري وزير نوٽيس ورتو صوبائي وزير مير طارق ٽالپر چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي اختيارين کي واقعي جا تفصيل وٺي متاثر ٻالڪ جي مدد ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، صوبائي وزير چيو ته ٻارن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي برداشت نه ڪنداسين، زيادتي ۾ ملوث جوابدار خلاف ڪارروائي ٿيندي، صوبائي وزير جي ھدايت تي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڊائريڪٽر متاثر نينگر جي وارثن سان رابطو ڪري قانوني مدد فراھم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي