دريا خان مري ۾ رازو قتل، پوليس پاران حد جو تڪرار ڄاڻائي لاش کڻڻ کان انڪار، وارثن جو ڌرڻو

دريا خان مري ۾ رازو قتل، پوليس پاران حد جو تڪرار ڄاڻائي لاش کڻڻ کان انڪار، وارثن جو ڌرڻو

دريا خان مري (خاص نمائندو) دريا خان مري ڀرسان تيتري اسٽاپ وٽ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن شخص قتل ٿي ويو، ھٿياربندن ڳوٺ حاجن ڪوري واسي رازڪو ڪم ڪندڙ حاجي گلڻ ڪوري کي گوليون ھڻي قتل ڪيو، پڊعيدن ۽ دريا خان مري پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي مقتول گلڻ ڪوري جو لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنھن بعد مقتول جي وارثن ۽ علائقي واسين نوشھروفيروز نواب شاھ ويندڙ روڊ تيتري اسٽاپ وٽ احتجاج ڪيو ۽ روڊ بند ڪري ڇڏيو جنھن بعد دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي مقتول گلڻ ڪوري جو لاش ايمبولينس نه ھجڻ ڪري ڦٽي واري رڪشي تي پوسٽ مارٽم لاءِ دريا خان مري اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڀاءُ ڪاظم ڪوري ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان ڪابه دشمني ناھي، ڀاءُ کي بيگناھه قتل ڪيو ويو، هن دلمراد مبيجو، نظر محمد ۽ دلدار مبيجو تي الزام هنيو، هوڏانهن پوليس ڳوٺ محمد رمضان مبيجو تي چڙھائي ڪري ھڪ جوابدار دلدار پٽ عبدالمجيد مبيجو کي گرفتار ڪري ورتو، ڊي ايس پي نوشهروفيروز محمد موسي ابڙو چيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.