درگاهه حسن شاهه ٻيٽ تي وفاقي قبضو رد: سوين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ڌرڻو

درگاهه حسن شاهه ٻيٽ تي وفاقي قبضو رد: سوين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ڌرڻو

ملير (رپورٽر) پورٽ قاسم لڳ واقع تاريخي درگاهه شاھ حسن  واري  ٻيٽ تي وفاقي حڪومت پاران سياحتي منصوبو ٺاهڻ واري اعلان خلاف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن،  ڳوٺاڻن ٻيٽ تي پهچي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  سيد خدا ڏنو شاهه، حفيظ بلوچ، سليم سالار،  ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت کي قديمي ٻيٽ درگاهه حسن شاهه جي زمين سياحتي مرڪز لاءِ ڏيڻ واري اعلان کي رد ڪريون ٿا، اهڙي عمل کي صدين کان قائم درگاهه، قبرستان، ماڳ مڪان ۽ قديمي ڳوٺن تي قبضي جي ڪوشش سمجهون ٿا، هنن چيو ته ماضي ۾ پورٽ قاسم، ڪي پي ٽي، اسٽيل ملز ۽ ٻين رٿائن جي نالي تي قديمي ڳوٺ، ماڳ مڪان ۽ قبرستان ختم ڪري لڏپلاڻ ڪرائي وئي، جنهن مقصد لاءِ اسان جي وڏن قرباني ڏني، ان تي عمل بدران پنهنجا منصوبا جوڙيا ويا ۽ مقامي ماڻهن سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا،  اسان کي خدشو آهي ته سياحتي منصوبي جي آڙ ۾ اسان جي ماڳ مڪانن ۽ تاريخي ورثن تي قبضو ڪيو ويندو، اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن ماڳ مڪانن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين، سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته حسن شاه درگاهه ٻيٽ اسان جي تاريخ، عقيدي ۽ مقامي سڃاڻپ جو اهم حصو آهي، هن ٻيٽ جي 530 ايڪڙ زمين آهي جڏهن درگاھ حسن شاهه  800 سال پراڻي آهي، هتي ماهيگير روزگار حاصل ڪري رهيا آهن، درگاهه حسن شاهه ٻيٽ سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهي سنڌ حڪومت جي خاموشي سواليا نشان آهي، هنن سنڌ حڪومت کان تڪراري رٿا ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو،