| درگاهه سچل جي صوفي فنڪارن پاران ايڪتا ڏڻ جي حمايت جو اعلان |
راڻيپور (ن پ ا) درگاھ حضرت سچل سرمست جي صوفي فنڪارن ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي سڏ تي ايڪتا 7ڊسمبر منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. درگاھ سچل سرمست جي صوفي فنڪارن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ست ڊسمبر تي سنڌ جا ڪلام ڳائي سنڌ جي قومي عيد ملهائيدا سين منشيات کان پاڪ سنڌ کپي7 ڊسمبر اسان جي قومي عيد جو ڏينهن آھي ان ڏينهن تي ايڪتا جا رنگ صوفي رنگن سان رنگجي ويندو سچل سرمست تي فنڪارن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن ايڪتا اسان ڀرپور نموني ملهائيندا سين اسان ان ڏينهن تي ايڪتا جي رنگن صوفي گيڙو اجرڪ ٽوپين سان هوندا آھيون سچل جا پانڌيڙا درگاھ تي پهچندا آهن اهو ڏينهن قومي عيد جو ڏينهن هوندو آهي
| ايڪتا ڏهاڙي جي تياري، منشيات کان پاڪ سماج لاءِ خاص دعا |
دادو (رپورٽر) منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان هيٺ 7 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ دادو ۾ تياريون زور وٺي ويون ، درگاھ شهيد مخدوم بلاول تي شهرين وڏي انگ ۾ حاضري ڀري ۽ گڏيل دعا گهري وئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ امن، ڀائيچاري، اتحاد ۽ منشيات کان پاڪ سماج لاءِ خاص دعا ڪئي وئي. تقريب دوران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ٽيم کي سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ طور اجرڪ ۽ ٽوپيون پارائي هن سڏ جي آجيان ڪندي صحافي ڪامران ڪورائي، صحافي لياقت علي ملڪ، صحافي ديدار علي شيخ، صحافي شاهد کرل کي ڀليڪار ڪيو تقريب جي ميزباني درگاھ شهيد مخدوم بلاول عبدالستار پيرزاده،مجاهد ڪابورو ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ پروفيسر سيد اظهر علي شاھ، شهزاد سومرو، علي لاشاري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين اعلان ڪيو آهي ته 7 ڊسمبر جو ايڪتا ڏهاڙو تاريخي شان سان ملهايو ويندو، سماجي اڳواڻن منشيات خلاف سرواڻ ٽائيم نيوز ۽ پنهجي اخبار علي قاضي ۽ سندس سٿ جي گڏيل جدوجهد کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي هر طبقي کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي آهي
ايڪتا ڏهاڙو: کورواهه جي اسڪولن ۾ منشيات خاتمي بابت ليڪچر پروگرام شروع
کورواھه (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پهنجي اخبار پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو منشيات کان پاڪ سنڌ جي کورواھ واسين پاران آجيان ڪئي وئي، اسڪولن ۾ منشيات جي خاتمي بابت ليڪچر پروگرام شروع ٿي ويا، ان سلسلي ۾ شهرين عبدالغني چنا مولانا فتح محمد مهيري ۽ استادن منظور احمد ڪنڀار رضوان ڪنڀار پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو سهرو سينئير صحافي علي قاضي ڏانهن وڃي ٿو هن ڏينهن جي شروعات علي قاضي ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن کي ايڪي اتحاد جو پيغام ڏنو هنن چيو ته علي قاضي هر سال زبردست عنوان کڻي ايندو آهي هن ڀيري به منشيات کان پاڪ سنڌ وارو عنوان وقت جي اهم ضرورت هئي ڇو جو اسانجي سنڌ کي منشيات حوالي ڪيو ويو آهي هنن چيو ته اسان 7 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز سان گڏ ملهائينداسين ۽ منشيات خلاف ريليون ڪڍي نعريبازي ڪري ماڻهن کي منشيات خلاف هڪ پيغام ڏينداسين جڏهن ته ڪنڀار محلا جي اسڪول ايلمنٽري نورمحمد ڪنڀار ۾ استادن پاران منشيات خلاف ليڪچر پڻ ڏنا ويا
ميهڙ جي وڪيلن پاران ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان
ميھڙ (ن پ ا) پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران 7 ڊسمبر تي اعلانيل منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان ھيٺ ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان ميھڙ بار جي وڪيلن پاران پروگرام ڪري منشيات کان پاڪ سنڌ ايڪتا ڏھاڙو پنھنجي اخبار سان گڏ ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي ميھڙ بار پاران ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار طرفان اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان ھڪ تقريب ميھڙ بار ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ميھڙ بار جي صدر وڪيل علي اصغر پتوجو، جنرل سيڪريٽري وڪيل منور جتوئي اڳوڻو سيڪريٽري وڪيل سعيد احمد پنھور ، سينئر قانوندان وڪيل عبدالعزيز ٻرڙو ، وڪيل علي انور ساھڙ سميت نالي وارن وڪيلن وڪيل مير خان چانڊيو وڪيل لياقت علي ملڪ ، وڪيل سجاد علي آڳرو وڪيل منصور علي چانڊيو، وڪيل راشد علي چانڊيو، وڪيل نور حسين جتوئي، وڪيل اياز شاهه، نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صدر منظور مھيسر، مير صابر ڪولاچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن چيو ته سينيئر صحافي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ محترم علي قاضي پاران منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان ھيٺ ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ وارو اعلان بھترين قدم آھي سنڌ ۾ منشيات ڪينسر جو رخ اختيار ڪري ورتو آھي سنڌ جو نئون نسل منشيات جي ور چڙھي ويو آھي منشيات کان پاڪ سنڌ ايڪتا ڏھاڙو وقتائتو قدم آھي ھن ڏھاڙي کي ڀرپور نموني ملهائينداسين ۽ علي قاضي صاحب جي ڏنل نعري منشيات کان پاڪ سنڌ کي عملي طور جامو پائڻ لا۽ مھم ۽ پنھنجو ڪردار جاري رکنداسين ان موقعي تي ميھڙ بار جي عهديدارن پاران پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا ۽ پروگرام ۾ شامل وڪيلن عھد ڪيو ته منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان ھيٺ اعلانيل ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھايو ويندو