| درگاهه پيارو سائين جو گادي نشين مصطفيٰ ڪانڌڙو لاڏاڻو ڪري ويو |
مورو (ن پ ا) مورو جو سينئر صحافي ليکڪ، درگاھ پيارو سائين جو گادي نشين، مهراڻ طبيه ڪالج مورو جو باني، ڪانڌڙا برادريءَ جو پڳدار صوفي غلام مصطفي ڪانڌڙو ڪجھ عرصو بيمار رھڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو جنھن جي جنازي جي نماز خليفي سائين جي جنازي گاھ ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي علمي ادبي مذھبي قومپرست اڳواڻن صحافين وڪيل برادريءَ ڊاڪٽرن شھرين مختلف برادرين جي معززين سميت ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. صوفي غلام مصطفي ڪانڌڙو جو جنم مورو ڀرسان ڳوٺ خدابخش ڪانڌڙو ۾ فقير صوفي لعل بخش ڪانڌڙو جي گھر ۾ 8 اپريل 1949ع تي ٿيو ھن مورو ۾ جي مين پرائمري اسڪول ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪئي، ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مورو مان ڪرڻ کان بعد طب جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي سنڌ طبيه ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتان فاضل طب و جراحت جي ڊگري حاصل ڪئي. صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو سنڌي زبان ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ ڪابه اخبار يا رسالو نه ڇڏيو اٿس جنهن ۾ سندس مقالا، مضمون نه ڇپيا هجن. صوفي غلام مصطفي ڪانڌڙو جو وڇوڙو علم ادب صحافت لاءِ وڏو خال پيدا ڪري ويو آھي ھو ھڪ اداري مثل ھو جنھن جي درسگاه وٽان ڪيترائي نوجوان علم حاصل ڪري منزل تي پھتا.