درگاهه ڀٽ شاهه جي دروازي مان چاندي چوري ٿيڻ جو انڪشاف: سي سي ٽي وي سسٽم ناڪاره

درگاهه ڀٽ شاهه جي دروازي مان چاندي چوري ٿيڻ جو انڪشاف: سي سي ٽي وي سسٽم ناڪاره

ڀٽ شاهه(رپورٽ: رجب بوزدار) درگاهه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي لڳل دروازي مان چاندي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي درگاھ تي 52 کان وڌيڪ لڳل سي سي ٽي ڪئميرائن ۽ سخت سيڪيورٽي باوجود چاندي جي دروازي مان تقريبن 2 فٽ جي لڳ ڀڳ چاندي جو ٽڪرو نامعلوم چور چوري ڪري ويا. گذريل رات دير سان پيش آيل واقعي بعد درگاه جي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. درگاهه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار جي دروازي مان چاندي چوري بعد سيڪيورٽي به سواليه نشان بڻجي وئي، چاندي جي چوري بعد اوقاف سميت پوليس عملدارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آهي. رابطي ڪرڻ تي اوقاف کاتي جي عملدارن توڙي درگاه جي سيڪيورٽي عملدارن پاران صحافين کي ڪجهه به تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته اهو واقعو ڪڏهن ٿيو آهي، ٻئي پاسي حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار جي دروازي مان چاندي چوري ٿيڻ واقعي تي عقيدتمندن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي ۽ انهن پاران جلد انڪوائري ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي وائکو ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي. هوڏانهن ٽائيم نيوز پاران دروازي تي چاندي وٽ ويٺل هڪ نامعلوم شخص جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا ويا آهن انتظاميه طرفان ڄاڻايو پيو وڃي ته نامعلوم شخص جنهن کي جيڪٽ پاتل آهي جيڪو دروازي مان چاندي چوري ڪري رهيو آهي سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ آيل شخص جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي درگاهه پوليس پاران سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ آيل نامعلوم شخص جي ٻين مختلف سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي سڃاڻپ ۽ ڳولا شروع ڪئي وئي آهي گادي نشين جي ڀاءُ سيد خاور حسين شاھ لطيفي پاران واقعو انتظاميه جي نااهلي قرار ڏنو ويو آهي ۽ جلد اعلا سطحي انڪوائري ڪري نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي جي گهر به ڪئي وئي آهي سيد خاور حسين شاھ لطيفي جو چوڻ آهي ته درگاه جي مزار واري دروازي مان چاندي چوري ٿيڻ درگاه انتظاميه جي نااهلي آهي نااهلي ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ٻي پاسي ڀٽائي جي مزار مان چاندي چوري واقعي بعد عقيدت مندن ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي ۽ درگاهه جي سيڪيورٽي انتظاميه پاران ملوث جوابدارن جي ڳولا به جاري آهي مگر هن وقت تائين جوابدار جي سڃاڻپ بابت ڪا اڳڀرائي ٿي نه سگهي آهي.