| دشمن ٻيهر حملو ڪيو ته پهرين کان سخت جواب ڏينداسين: ايئر چيف |
رسالپور (م ڊ) ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سِڌو چيو آهي ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ اسان دشمن کي شڪست ڏني، 10 مئي تي دشمن جي ڊفينس سسٽم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، پي اي ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ گريجوئيشن پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي پاڪ فضائيه جي سربراهه چيو ته معرڪه حق ۾ ڪاميابي پاڪستان ايئر فورس جي بهترين ڪارڪردگي جو مظهر آهي، دشمن اسان جي قومي خودمختياري کي ٻيهر چئلينج ڪيو ته پاڪ فضائيه کي پهرين کان وڌيڪ مضبوط ڏسندو، اها فتح اسان جي قومي قيادت جي پختي عزم جو ثبوت آهي، پاڪستان پرامن ملڪ آهي، سڀني سان دوستاڻا لاڳاپا قائم رکڻ چاهي ٿو، پاسنگ پريڊ ۾ پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن ۽ شير دل ايروبيٽڪس ٽيم طرفان فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو ويو.