تهران (م ڊ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاسداران انقلاب جي تنقيد بعد پاڙيسري ملڪن کان معافي وٺڻ واري بيان تان پوئتي هٽندي چيو آهي ته اسان تي جيترو سخت دٻاءُ وڌو ويندو، ايترو ئي سخت ردعمل ڏينداسين. تازي بيان ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته ايران ڌمڪين، ناانصافي ۽ جارحيت سامهون نه جهڪندو، اسان دشمن جا خواب ڀوائتا بڻائي ڇڏينداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي دوست پاڙيسري ملڪن تي نه پر آمريڪي فوجي اڏن تي حملا ڪيا آهن، اسان خطي ۾ آمريڪي اثاثن ۽ سهولتن تي حملا ڪيا آهن. ٻئي طرف هن پنهنجي بيانن جي وضاحت ڪندي چيو ته دشمن انهن بيانن کي غلط معنيٰ ڏني آهي. دشمن ايران کي مسلمان ۽ پاڙيسري ملڪن سان جنگ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو.