دشمن کي اهڙي چماٽ هنئي جو وساري نه سگهندو، مستقل امن لاءِ ڪشمير مسئلو حل ڪرڻو پوندو: وزيراعظم
مَي 17, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن مستقل امن چاهيو ٿا ته ڪشمير مسئلو حل ڪرڻو پوندو، هاڻي وڏي کان وڏي طاقت به اسان جي رستا روڪ نٿي ڪري سگهي، سڄي قوم فوج جي پويان بيٺل آهي، اسلام آباد ۾ شڪراني جي ڏينهن تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مڪمل جاچ بعد چوان ٿو دشمن جا 6 جهاز ڪيرايا هئا، اسان دشمن جا رافيل، مگ ۽ ڊرون جهاز ڪيرايا، جيڪو پاڻ کي ڏکڻ ايشيا جو ٿاڻيدار سمجهندو هو، اُن جي آڪڙ ٽوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته مان شهيدن جي والدين، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ، آرمي چيف، نيول چيف ، ايئر چيف ۽ ٻين آفيسرن کي سلام پيش ڪيان ٿو ، يوم تشڪر ڪنهن ڪنهن کي صدين ۾ ملندو آھي، هن چيو ته دشمن کي ڊيڄاريندڙ خواب ڏيکاريو، جيڪو قيامت تائين وساري نه سگهندو، اسان نو مئي تي فيصلو ڪيو ته اسان جواب ڏينداسين، مونکي آرمي چيف جنرل عاصم منير ٻڌايو ويو ته ڀارتي ميزائيل نورخان ايئربيس ۽ ٻين هنڌن تي ڪيرايا ويا، جواب جي اجازت ڏيو ته کين منهن ٽوڙ جواب ڏيون، پوءِ اسان جي شاهينن پٺاڻ ڪوٺ ۽ ٻين هنڌن تي حملا ڪيا صبح جو جنرل عاصم منير فون ڪئي ته اسان ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو آھي هاڻي جنگبندي جي درخواست اچي رهي آھي، مون چيو اوهان دشمن کي زوردار چماٽ هنئي آھي، جنگبندي لاءِ مجبور ٿيو، اوهان جنگبندي جي آڇ قبول ڪيو، وزيراعظم چيو ته دنيا جا هوش اڏامي ويا، آمريڪا کان جاپان تائين هر هنڌ اها ڳالهه آهي ته پاڪ فوج خاموشي سان صلاحيت حاصل ڪئي، وزيراعطم چيو ته جيئن 10 مئي ٿيو هاڻي اسان کي معاشي ميدان ۾ به 10 مئي آڻڻو آھي، پاڪستان ۾ وسيلن جي کوٽ نه آھي، هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ مستقل امن نٿو ٿي سگهي، پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آھي نوي هزار شهرين قرباني ڏني آھي. وزيراعظم چيو ته جنگين مان اهو سبق مليو آهي ته اسان پرامن پاڙيسيرين وانگر ڳالهين جي ميز تي ويهون ۽ ڪشمير مسئلو حل ڪريون، ڪشمير ۽ پاڻي مسئلو حل ٿي وڃي ته پوءِ اسان واپاري تي ڳالهائي سگهون ٿا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ به سهڪار ڪري سگهون ٿا، وزير اعظم آخر ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا به هڻايا. تقريب ۾ آرمي چيف ،چيفس آف جوائنٽ ڪاميٽي سوڌو وفاقي وزيرن، سروسزچيفس، پاڪ فوج جي اعلي آفيسرن، صحافين،۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ تقريب ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت، بزدلي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه ۽ معصوم پاڪستاني شهري شهيد ٿيا ۽ اسان کي انهن بيگناهه شهيدن جي ناحق رت جي خاطر جوابي ڪارروائي تي مجبور ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، پر اسان پنهنجي دفاع جو پورو حق محفوظ رکون ٿا، پاڪ فوج جي بهادري ۽ پيشه ورانه صلاحيتن سان دشمن کي ان جي ئي زبان ۾ موثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويو، جنهن سان عسڪري تاريخ جو هڪ سونهري باب لکيو ويو.