دشمن کُليل ٽڪراءَ بدران اڻ سڌا ۽ مبهم طريقا اختيار ڪري پيو، تيار رهڻو پوندو: فيلڊ مارشل

دشمن کُليل ٽڪراءَ بدران اڻ سڌا ۽ مبهم طريقا اختيار ڪري پيو، تيار رهڻو پوندو: فيلڊ مارشل

اسلام آباد/راولپنڊي(م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته دشمن کُليل نموني ٽڪراءُ  بدران اڻسڌا ۽ مبهم طريقا اختيار ڪري رهيو آهي، اُنهن مبهم طريقن ۾ اندروني ڪمزورين مان فائدو وٺڻ لاءِ پراڪسيز جو استعمال شامل آهي، مستقبل جي ليڊرز کي اهي چئلينجز ڄاڻڻ ۽ اُنهن جو مقابلو ڪرڻ جي سکيا ڏيڻ انٽر آهي، چيف آف ڊفينس فورسز نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي دوري دوران ڳالهائيندي  فيلڊ مارشل عاصم منير وڌيڪ چيو ته ملڪ لاڳيتو ۽ وسيع نوعيت جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهي چئلينجز روايتي، غير روايتي، انٽيليجنس، عسڪري، سائبر، معاشي ۽ ٻين شعبن تي ٻڌل آهن، چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تياري ۽ قومي طاقت جِي سمورين ڌُرين جو هم آهنگ هجڻ اڻٽر آهي، واضح فيصلي سازي ۽ ذهني پُختگي سيڪيورٽي ماحول ۾ ڪاميابي لاءِ مُکيه وصف آهن، آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل کي سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي سول ۽ عسڪري پئنلز پاران قومي سلامي کي پيش آيل چئلينجز تي بريفنگ ڏني وئي، فيلڊ مارشل پئنل جي تجزيي ۽ نتيجن جي ساراهه ڪندي چيو ته بريفنگ ۾ شرڪت ڪندڙ ديانت، نظم و ضبط ۽ بي لوث خدمت جا قدر برقرار رکندي چوڪس ۽ ثابت قدم رهن، فيلڊ مارشل اين ڊي يو جي سراهه ڪندي چيو ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسٽريٽيجڪ سوچ وارا ماڻهو تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.