دليلن لاءِ وقت نه ملڻ تي وڪيل امتياز صديقي جو چيف جسٽس آڏو احتجاج

آڪٽوبر 9, 2023

اسلام آباد(بيورو)پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي ٻڌڻي دوران دليلن لاءِ وقت نه ملڻ تي درخواستگذار جي وڪيل امتياز صديقي چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪيو

وڪيل امتياز صديقي چيو ته مون کي نه ٻڌڻ ناانصافي آهي، جناب چيف جسٽس صاحب جو درخواستگذارن جي وڪيلن سان رويو ٺيڪ ناهي، انڪري خواجه طارق رحيم اڄ سُپريم ڪورٽ نه آيو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نيٺ تميز سان ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو عار آهي، ڇا طارق رحيم توهان کي اهو نياپو پهچائڻ جو چيو آهي؟

 وڪيل امتياز صديقي چيو ته مونکي طارق رحيم ئي اهو نياپو پهچائڻ جو چيو آهي، توهان جو ورتاءُ ٺيڪ ناهي، چيف جسٽس چيو توهان ويهو ٿا يا ڪجهه جاري ڪريان، جنهن تي امتياز صديقي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيو

Leave A Comment