دل ڏکن ۽ سور ۾ چُور آهي پر پلاند جي خواهش ناهي، آئين تي عمل لاءِ رياستي ادارن ۽ سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: نواز شريف

آڪٽوبر 21, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چيو آهي ته دل ڏکن ۽ سور ۾ چُور آهي پر پلاند جي خواهش ناهي، آئين تي عمل  لاءِ رياستي ادارن ۽ سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڏيهه واپسي بعد لاهور ۾ مينار پاڪستان تي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي پيش آيل مسئلن جي سببن تي غور ڪريو ۽ آئين تحت متحد ٿي مستقبل جو پلان ٺاهيو، اهو بُنيادي مرض ختم ڪرڻو پوندو، جنهن سبب ملڪ هر هر حادثن جو شڪار ٿي ويندو آهي

سندس چوڻ هو ته ملڪ جو وڃايل مانُ واپس ڪرڻو آهي ۽ ڊبل اسپيڊ سان ڪشڪول ٽوڙي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو

 نواز شريف چيو ته پاڙيسري ملڪن سان وڙهي ۽ دُنيا سان لاڳاپا خراب ڪندي ترقي نٿا ڪري سگهون، سڀني سان سٺا لاڳاپا رکڻا پوندا ۽ ڪشمير جي حقن لاءِ باوقار طريقي سان اڳتي وڌڻو پوندو

هن چيو ته اسان ايسٽ پاڪستان کي بار سمجهي ڌار ڪري ڇڏيو، اڄ اُهو بنگلاديش پاڪستان کان به اڳتي نڪري ويو آهي، اهو اسان کي منظور ناهي

ن ليگ جي قائد چيو ته منهنجي دل ڏکن ۽ سور ۾ چُور آهي، پر منهنجي دِل ۾ پلاند جي تِري جيتري به خواهش ناهي، عوام کي جاڳائڻ آيو آهيان ته اڳتي وڌو ۽ ملڪ کي سنڀاليو، اڳتي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيو ته ملڪ سان کيڏي

هن سوال ڪيو ته ڇا ماني ۽ ڊالر سستو ڪرڻ تي مون کي نيڪالي ڏني وئي؟ پُٽ کان پگهار نه وٺڻ تي وزيراعظم هائوس مان ڪڍيو ويو، اهو ڪهڙو فيصلو هو جو ملڪ جو هي حال ٿي ويو

نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ به ڌرڻا لڳندا هئا پر ڪم جاري رکيو، ڇا توهان کي خبر ناهي ته ڌرڻا ڪير هڻائي رهيو هو

هن پنهنجي تڪليف ۽ سورن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪجهه ڦَٽ اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن نه ڀرجي سگهندا آهن، انهن ڏکن ۽ سورن کي ڪجهه دير لاءِ نظر انداز ڪريان ٿو

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي والده ۽ گهرواري منهنجي سياست جي نذر ٿي ويون، ڪاروبار ۽ مال ملڪيتون به ٻيهر اچي وينديون آهن، پر امڙ ۽ گهرواري واپس نه ٿيون اچي سگهن، اهو ايڏو وڏو زخم آهي جو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي

 مينارِ پاڪستان تي جلسي کي خطاب دوران نواز شريف چيو ته والد ۽ والده فوت ٿيا ته کين قبر ۾ لاهي نه سگهيو هئس، زال سان آخري وقت ۾ ڳالهائڻ نه ڏنو ويو ۽ هوءَ الله کي پياري ٿي وئي

هن چيو ته مريم کي پيءُ جي اڳيان گرفتار ڪيو ويو، ڇا مريم اها اذيت وساري سگهي ٿي؟ مٽيءَ سان محبت ۾ به قرض لاٿا، جيڪي اسان تي واجب ئي نه هئا

نواز شريف خطاب ۾ مرزا غالب جا شعر پڙهندي چيو ته اسان جي زخمن کي نه ڇيڙيو، نه ته ڳوڙهن جو طوفان اچي ويندو

Leave A Comment