تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

دماغ شينءَ کي ڇو وساري ڇڏيندو آهي … عمران علي چانڊيو

اهو ممڪن آهي ته ڪنهن جي يادداست ايتري تيز هجي جو انکي هر ننڍي شيءِ وڏي عرصي تائين ياد رهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڪو هڪ ڏينهن يا ڪجھه وقت کانپوءِ ڪنهن جو نالو به وساري ڇڏي، تقريبن لکين ماڻهو يادداشت ۾ ڪمزور هجن ٿا ۽ اهي ئي شين ۽ نالن کي جلدي وساري ويندا آهن، پر سندن کي خبر ناهي هوندي ته ايئن ڇو ڀلا؟ ماهرن موجب شين کي وساري ويهڻ ۾ انسان جو ڪو ڏوھه نٿو هجي، يونيورسٽي آف ڪيلي فورنيا لاس اينجلس جي شعبي نيوروبائيولوجي جي پروفيسر ڊاڪٽر ڊين هونومانو موجب ڪجھه شين کي جلدي سان وساري ڇڏڻ ۾ انسان جو ڪو ڏوھه نٿو هجي، هي اصل ۾ انساني ارتقا جو مسئلو آهي انساني ذهن”يونيورس“ نالي هڪ گهڻي ئي ڳجهي ڊيوائس تي مشتمل آهي جنھن ۾ گهڻن ئي ننڍن ڪيڙن جهڙا ذرا، قيد خاني، يا مخصوص جڳهن ۽ جلدي خراب ٿيڻ وارا اوزار هوندا آهن، جيڪي هڪٻئي کان معلومات جو مٽاسٽا ڪندا آهن
گهڻو ڪري ذهن ۾ موجود يونيورس ڊيوائس جا اوزار يا شيون گهڻي وڌيڪ معلومات تي صحيح نموني سان ڪم ناهين ڪنديون، ۽ انسان پريشان ٿي ويندو آهي، ڇوجو هڪ سسٽم مان ٻئي سسٽم تائين معلومات ناهي پهتل هوندي
نيوروبائيولوجي جي ماهرن موجب ننڍي ۽ مشڪل شين جي بجائي انساني ذهن، وڏي ۽ سولي شين سميت اهڙا نالا يا نمبر ياد رکڻ جي وڌيڪ قابل هوندو آهي جيڪي عام ۽ ساڌا هجن اهو عمل انسان هٿراڌو ناهي ڪندو، بلڪي انجي ذهن ۾ موجود سسٽم پاران هڪٻئي کان معلومات جو مٽاسٽا ٿيڻ جي سبب ٿيندو آهي، ۽ هي مڪمل طور تي انسان جي ذهن جي تخليق جي سبب ٿيندو آهي، انساني ذهن جي تخليق ان طرح ٿيل آهي جو اهو ڪڏهن ڪڏهن اندروني مسئلن سبب هڪ کان ٻئي جڳهھ معلومات ڏي وٺ ناهي ڪندو جيئن حادثي واري لمحي به اها ڳالھه ياد ناهي رهندي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هجي ته ۽ ان سان گڏ ويٺل ماڻهو ان سان ڪچهري ڪندي وقت پنهنجو نالو امتياز ٻڌائي ته اهو ممڪن آهي ته ڪيترن هفتن کانپوءِ ان ماڻهون انجي ڪا ڳالھه ٻول ياد نہ رهي هجي سوائي انجو نالو امتياز هو، وري جڏهن اهو ئي ماڻهو ٻيو ڀيرو گاڏي ۾ سفر ڪري ۽ ڀر ۾ ويٺل فرد ان سان ڪچهري ڪندي پنهنجو نالو جيئن ئي مجاهد امتياز ٻڌائي ڪري پوءِ چئي اهو پيشي جي لحاظ سان ڊاڪٽر آهي، ڪجهھ هفتن کانپوءِ ان ماڻهو کي مجاهد امتياز جو نالو ته ياد رهندو، پر انکي اهو وسري ويو ته ان هڪ ڊاڪٽر سان ڪچهري ڪئي هئي، انهن مثالن مان ثابت ٿيو ته انسان جو دماغ ننڍي شين جي بجائي وڏي شيءِ ياد رکندو آهي، پهرين مثال ۾ ماڻهو جو نالو اهم، وڏو ۽ سولو هيو، انڪري اهو ياد رهيو ٻئي مثال ۾ ماڻهو جو نالو مشڪل ۽ وڏو هو، جڏهن ته انجو پيشو گهڻو ننڍو، سولو ۽ عام هيو، بلڪل انهيءَ طرح انساني دماغ هر ان شيءِ، يا نمبرن کي ياد رکندو آهي، جيڪو سولو ۽ ننڍو هجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *