دنيا جو انوکو ڳوٺ: جتي هاڻ 66 ڏينهن تائين سج نه اڀرندو

دنيا جو انوکو ڳوٺ: جتي هاڻ 66 ڏينهن تائين سج نه اڀرندو

واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست الاسڪا جي ڳوٺ يٽڪيگويڪ ۾ سال ۾ ٻه مهينا سج نه اڀرندو، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڳوٺ يٽڪيگويڪ هر سال نومبر جي آخري هفتي کان 23 جنوري تائين سج نه نڪرندو آهي. ڳوٺ جي رهواسين لاءِ 66 ڏينهن تائين سج نڪرڻ جو منظر ڏسڻ ممڪن نه هوندو. هي ڳوٺ آرڪٽڪ سرڪل ۾ واقع آهي، جتي هر سال “قطبي رات” جو تجربو ٿيندو آهي. اهو ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن ڌرتي پنهنجي محور تي ٿورو جهڪي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آرڪٽڪ علائقن ۾ سياري جي موسم دوران سج ڪيترن ئي هفتن تائين نظر نه ايندو آهي. ان جي ابتڙ، اونهاري ۾ هتي 24 ڪلاڪ سج جي روشني رهندي آهي، جنهن کي “مڊنائٽ سن” چيو ويندو آهي.ياد رهي ته ڌرتي جي اترئين اڌ ڪُروَ ۾ جون جي آخر کان ڏينهن جو دورانيون گهٽجڻ شروع ٿيندو آهي، پر اترئين علائقن ۾ اهو اثر تمام گهڻو هوندو آهي. يٽڪيگويڪ ۾ ڏينهن جو وقت سيپٽمبر ۾ ئي تمام گهٽ ٿي ويندو آهي. اُهي 2 مهينا ڊگهي رات دوران الاسڪا جي هن ڳوٺ ۾ ڪجهه حد تائين سج جي روشني نظر ته ايندي، پر اهو عام سج نڪرڻ يا لهڻ جهڙو منظر نه هوندو. الاسڪا جو هي پهريون ڳوٺ آهي، جيڪو تمام اتر ۾ هجڻ سبب قطبي رات جو سڀ کان اول تجربو ڪندو آهي، جيتوڻيڪ اهو اڪيلو ڳوٺ نه آهي هتي تقريباً 4300 ماڻهو رهن ٿا جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ سخت سياري جو مقابلو ڪندا، هفتن تائين جاري رهندڙ رات ڳوٺ جي رهندڙ ماڻهن جي قدرتي جسماني گهڙي بايولاجيڪل ڪلاڪ تي به اثر وجهي ٿي.