دنيا جو سڀ کان ننڍو ڪيو آر ڪوڊ سنگ مر مر تي ٺهي ويو

دنيا جو سڀ کان ننڍو ڪيو آر ڪوڊ سنگ مر مر تي ٺهي ويو

ويانا (م ڊ) آسٽريا جي يونيورسٽي آف ويانا جي هڪ ٽيم چارج ٿيل ذرڙن کي استعمال ڪندي هڪ خاص قسم جي سيرامڪ (سنگ مر مر جي سر) تي ڪيو آر ڪوڊ جوڙي ڇڏيو جنهن۾ سالن تائين ڊيٽا محفوظ رکي ۽ پڙهي سگهجي ٿي. اهو دنيا جو سڀ کان ننڍو QR ڪوڊ آهي جنهن جي ماپ 1.98 چورس مائڪرو ميٽر آهي. ان کي گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز پاران دنيا جي سڀ کان ننڍي QR ڪوڊ طور تسليم ڪيو ويو آهي. هن  QR ڪوڊ کي اسڪين ڪرڻ تي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ کليندي آهي هي ايترو ننڍو آهي جو عام روشني ۾ ڏسڻ به ناهي ايندو ۽ صرف اليڪٽران خوردبيني سان ڏسي سگهجي ٿو.