دنيا جو سڀ کان وڏو ايسڪيليٽر چين ۾ تيار

دنيا جو سڀ کان وڏو ايسڪيليٽر چين ۾ تيار

ووهان (انٽريسٽنگ نيوز) چين دنيا جو سڀ کان ڊگهو ايسڪيليٽر ٺاهي ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. چين جي شهر ووهان ۾ ٺهيل دنيا جي سڀ کان ڊگهي ايسڪيليٽر جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. هن آئوٽ ڊور ايسڪيليٽر سسٽم، جنهن کي ديوي (گاڊيس) سڏيو ويندو آهي، جي ڊيگهه 905 ميٽر آهي. هن سسٽم ۾ 21 انفرادي ايسڪيليٽر، 8 لفٽون، 4 چرپر ڪندڙ واڪ وي ۽ ڪيترويون ئي پيادل هلڻ جون پلون شامل آهن. ان کان علاوه هن ايسڪيليٽر کي 80 ماڙ عمارت جيتري اوچائي تائين پهچڻ ۾ 21 منٽ لڳن ٿا. رات جو هي ايسڪيليٽر رنگين روشنين سان چمڪندو آهي جنهن جو دلچسپ نظارو ٿيندو آهي.