دنيا جو سڀ کان وڏو فلم فيسٽيول آسڪر 2029ع کان لائيو: روايتي جاءِ به تبديل 

دنيا جو سڀ کان وڏو فلم فيسٽيول آسڪر 2029ع کان لائيو: روايتي جاءِ به تبديل 

لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) دنيا جو سڀ کان وڏو فلم فيسٽيول آسڪر  هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، 2029ع کان تقريب جي جڳهه ۽ نشريات جي نظام ۾ اهم تبديلين جا امڪان آهن. رپورٽن مطابق  ڪيترن ئي سالن کان آسڪر ايوارڊ تقريب  لاس اينجلس جي ڊولبي ٿيٽر ۾ ٿيندي رهي آهي، 2029 ۾ انهي کي لاس اينجلس جي پسگردائي (ڊائون ٽائون) ۾ ايل اي لائيو منتقل ڪيو ويندو، جيڪا ڪشادي ۽ جديد جڳهه آهي. نئين جڳهه ريڊ ڪارپيٽ، مکيه اسٽيج، ميڊيا ڪوريج ۽ پارٽين کي هڪ ئي هنڌ تي ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، جيڪا تقريب کي وڌيڪ منظم ۽ شاندار بڻائڻ ۾ مدد ڪندي.اها تبديلي مداحن ۽ مهمانن لاءِ وڌيڪ جڳهه پڻ فراهم ڪندي، وڌيڪ ماڻهن کي شاندار تقريب کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو فراهم ٿيندو، آسڪر کي 2029 کان ڊجيٽل پليٽ فارم تي پڻ منتقل ڪيو پيو وڃي. تقريب کي سڄي دنيا ۾ يوٽيوب تي مفت نشر ڪيو ويندو، جڏهن ته آمريڪا ۾ اهو يوٽيوب ٽي وي تي پڻ دستياب هوندو.